Rizq Main Tangi Kay Asbab

Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

ارشادِ باري تعاليٰ آهي:

مَنْ كَانَ یُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ۬ؕ-وَ مَنْ یَّتَّقِ اللّٰهَ یَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًاۙ(۲) وَّ یَرْزُقْهُ مِنْ حَیْثُ لَا یَحْتَسِبُؕ-وَ مَنْ یَّتَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗؕ- (پ ۲۸، الطلاق:۲-۳)

ترجَمو ڪنز الايمان: جيڪو الله ۽ پوئين ڏينهن تي ايمان رکندو هجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان جي واسطي ڇوٽڪاري جي واٽ ڪڍي ڏيندو ۽ ان کي اتان روزي ڏيندو جتان ان جو گمان به نه هجي ۽ جيڪو الله تي ڀروسو رکي ته اهو ان کي ڪافي آهي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اسلام ۾ زڪوٰة بابت نظريو

                  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رزق ۾ تنگي ۽ معيشت ۾ زوال جو هڪ سبب زڪوۃ نه ڏيڻ به آهي۔ ياد رکو! زڪوٰة اسلام جوبنيادي رُڪن ۽ اهم ترين مالي عبادت آهي۔ اهو اهڙو خوبصورت نظام آهي جنهن جي ذريعي مُعاشري جي نادار ۽ محتاج ماڻهن کي مالي مدد ملندي آهي۔ جيڪڏهن سڄا مالدار ماڻهو درست طريقي سان زڪوٰة ادا ڪن ته غربت ۽ افلاس جو خاتمو ٿي ويندو۔ قرآنِ ڪريم ۾ زڪوٰة ادا نه ڪرڻ وارن جي باري ۾ سخت وعيد آئي آهي ، جيئن ارشادِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ آهي:

وَ الَّذِیْنَ یَكْنِزُوْنَ الذَّهَبَ وَ الْفِضَّةَ وَ لَا یُنْفِقُوْنَهَا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِۙ-فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ اَلِیْمٍۙ(۳۴) (پ۱۰، التوبة:۳۴) ترجَموڪنز الايمان: ۽ جيڪِي گڏ ڪري رکن ٿا سَون ۽ چاندِي ۽ اُن کي الله جِي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪن اُنهن کي خوشخبري ٻڌاءِ دردناڪ عذاب جي.

اچو زڪوٰة نه ڏيڻ وارن جي باري ۾ مالي نقصان ۽ معاشي بحران بابت ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا