Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
وارا تمام جاندار، چاهي ترقي يافته شهري هجن يا ڪنهن ڳوٺ جا رهواسي، گھاٽي جهنگ ۾ رهڻ وارا حيوان هجن يا بلند ۽ بالا وڻن جي چوٽي تي آکيڙن ۾ آباد پکي، سمنڊ جي گهرائين ۾ رهڻ واريون مڇيون هجن يا پٿرن جي پيٽ ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح ۽ تقديس ڪرڻ وارا جيت، هر هڪ جو رزق خداء خالق ۽ رازِق عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ذمّي کنيو آهي۔ جيئن ارشادِ خداوندي آهي:
مَا مِنْ دَآبَّةٍ فِی الْاَرْضِ اِلَّا عَلَى اللّٰهِ رِزْقُهَا (پ۱۲،ھود:۶)
ترجموڪنز الايمان: ۽ زمِين تي چُرندڙ ڪا به شئ اِهڙِي نه آهي جِنهن جو رزق الله جي ڪرم جي ذِمي نه هُجي
جڏهن پاڻ الله ربُّ العالمين جَلَّ جَلَالُه هرجاندار جي رزق جو ضامن آهي ته اسان کي گھرجي ته انهيء جي ذات تي توڪل ڪيون ۽ وياج وٺي پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن کي نقصان پهچائڻ جي بدران جائز ۽ حلال طريقي سان رزق طلب ڪيون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جيڪو نصيب ۾ آهي اهو ضرور ملندو۔ ٻنهي جھان جي مالِڪ و مختار، مڪي مَدَني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: بيشڪ رزق ٻانهي کي تلاش ڪندو آهي جيئن ان جو موت ان کي تلاش ڪندو آهي۔ (صحیح ابن حبان،کتاب الزکاة، باب ماجاء فی الحرص…الخ، ۴/۹۸، حدیث:۳۲۲۷) تنهنڪري هن حديثِ پاڪ کي پيشِ نظر رکندي الله عَزَّوَجَلَّ تي ڪامل ڀروسوو رکڻ گھرجي ۽ هن ڳالھ کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته رزق جي وُسعت ۽ گھڻائي الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا ۾ ئي پوشيده آهي، جڏهن اسان جي معاشري جو هر فرد ظاهري سببن سان گڏوگڏ رحمتِ الٰهي ۽ فضلِ خداوندي جو طالب ٿيندو، پنهنجي دل ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو ٻوٽو لڳائي رکندو، پنهنجي پاڻ کي گُناهن کان بچائيندو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو خوف دل ۾ پيدا ڪندو ۽ ان تي ڪامل ڀروسو ڪندو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي معاشري ۾ خوشحالي جو راڄ ٿيندو ۽ رزق ۾ اهڙي خير ۽ برڪت ٿيندي جيڪا اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندي۔ جيئن ته