Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
دعا جي قبول ٿيڻ ۾ حرام گرھ رڪاوٽ
حرام گرھ جو هڪ وبال اهو به آهي ته هي دعائن جي قبوليت ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ويندو آهي جيئن ته حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْه کان روايت آهي ته شهنشاھ خوش خِصال، پيڪرِ حُسن وجمال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ شخص جو ذڪر ڪيو، جيڪو ڊگهو سفر ڪري ٿو، جنهن جو حال پريشان ۽ بدن مٽيءَ سان اَٽيل آهي ۽ پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کڻي ڪري يا رب! يا رب! چوي ٿو (يعني دعا گھري ٿو) حالانڪ ان جو کائڻ حرام، پيئڻ حرام، لباس حرام ۽ غذا حرام هجي، پوءِ انهيءَ جي دعا ڪيئن قبول ٿيندي۔
(مسندامام احمد ، مسند ابی ھریرہ ،۳ /۲۲۰،حدیث:۸۳۵۶)
عمل جي قبول ٿيڻ ۾ حرام گرھه رڪاوٽ
جهڙي طرح حرام گرھ جي نحوست سان دُعائن جي قبوليت رڪجي ويندي آهي اهڙي طرح نيڪ عمل به قبوليت جي منزل تائين نٿا پهچي سگھن جيئن ته مَحبوبِ ربُّ العالمين، جنابِ صادق وامين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: پنهنجي غذا پاڪ ڪري وٺو! مستجابُ الدعوات ٿي ويندو، ان ذاتِ پاڪ جو قسم جنهن جي قبضهء قدرت ۾ محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي! ٻانهو حرام جو گرھ پنهنجي پيٽ ۾ وجھندو آهي ته ان جي 40 ڏينهن جا عمل قبول ناهن ٿيندا ۽ جنهن ٻانهي جو گوشت حرام سان پلجي وڌيو هجي ان جي لاءِ باھ کان وڌيڪ بهتر آهي۔ (معجم الاوسط ،۵/۳۴، حدیث: ۶۴۹۵)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايتن مان معلوم ٿيو ته حرام مال ۾ هلاڪت ئي هلاڪت آهي تنهنڪري هڪ مسلمان جي لاءِ ضروري آهي ته هو دنيا ۽ آخرت جي بربادي ۽ رزق جي تنگي کان بچڻ جي لاءِ وياج ۽ حرام مال کان پاسو اختيار ڪري ۽ اها ڳالھ چڱي طرح ذهن نشين ڪري ته دنيا ۾ رهڻ