Rizq Main Tangi Kay Asbab

Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

    مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا : هن آيت مان ٻه مسئلا معلوم ٿيا هڪ هي ته مومن جي لاءِ وياج ۾ برڪت ناهي هي ڪافر جي غذا ٿي سگھي ٿي مومن جي نه، تنهنڪري پنهنجو پاڻ کي ڪافرن تي قياس نه ڪيو ڪافر وياج کڻي ترقي ڪندو مومن زڪوٰة ڏئي۔ ٻيو هي ته وياج جي پيسي سان زڪوٰة خيرات قبول نٿي ٿئي۔

 (نور العرفان، پ۳، البقرة، تحت الآیة:۲۷۶ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآن ۽ حديث جي ان واضح ارشادن باوجود به جيڪڏهن ڪو وياج کان پاسو نه ڪري ۽ ان کي پنهنجي معاشي ترقّي جو ضامن سمجھي ته اها سَراسر ناداني ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نافرماني چئبي۔ يقيناً وياج ۽ ان جي علاوه ٻين ناجائز ذريعن سان حاصل ڪيل حرام مال دنيا ۽ آخرت جي تباهي جو سبب آهي اچو انهي باري ۾ حرام مال جي تباھ ڪاريون به ملاحظه ڪيو۔

جهڙي غذا تهڙا ڪم

        مال حرام جو وبال هي آهي ته جڏهن حرام گرھ پيٽ ۾ پهچي ٿو ته ان سان ٺهندڙ رت انسان کي وڌيڪ برائين تي اڀاري ٿو۔ ايئن هو بُرائين جي دلدل ۾ ڦاسجندو هليو ويندو آهي ۽ پنهنجي عاقبت برباد ڪري ويهندو آهي۔ جيئن شيخ اڪبر امام مُحۡيُ  الدّين ابنِ عربي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: کاڌو ويندڙ هر گرھ پاڻ ئي جهڙي افعال جو سبب بڻجندو آهي يعني جيڪڏهن هو گرھ حرام جو هوندو ته حرام ڪمن جو سبب بڻجندو، مڪروه هوندو ته مڪروه ۽ جيڪڏهن مباح هوندو ته مباح ڪمن جو سبب بڻجندو ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن کاڌو بابرڪت هوندو ته چڱن ڪمن جو سبب بڻجندو ۽ ٻانهي جي افعال ۾ برڪت ۽ گھڻائي جو سبب ٿيندو۔   (تفسیر ابن عربی،پ۳، البقرة، تحت الآیة:٢٧٦ ،۱/۱۱۴)