Rizq Main Tangi Kay Asbab

Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

وياج جي مذمت ۾ 4 فرمانِ مُصطفٰيٰ صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلہٖ وسلَّم

1.    رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وياج کائڻ واري، کارائڻ واري، انهيءَ جي تحرير لکڻ واري ۽ انهيءَ جي گواهن تي لعنت ڪئي ۽ فرمايائون ته اهي سڀ برابر آهن. (مسلم،کتاب المساقاة...الخ، باب لعن اٰکل الربا ومؤکله، ص۸۶۲،حدیث:۱۵۹۸)

2.    فرمايو: وياج جو هڪ دِرهم جنهن کي ڄاڻي ڪري ڪو کائي، هي ڇٽيھ (36) ڀيرا بدڪاري کان به سخت آهي۔ (مسند امام احمد،مسند الانصار، ۸/۲۲۳، حدیث:۲۲۰۱۶)

3.    فرمايو: شبِ معراج منهنجو گذر هڪ قوم تي ٿيو جن جا پيٽ گھر جيان (وڏا وڏا) آهن، ان پيٽن ۾ نانگ آهن جيڪي ٻاهر کان نظر اچي رهيا هئا۔ مون پڇيو: اي جبرائيل! هي ڪير آهن ؟۔ چيائين: هي وياج خور آهن ۔  (ابن ماجه،کتاب التجارات،باب التغلیظ فی الربا،۳/۷۲،حدیث:۲۲۷۳)

4.    محسنِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: وياج سان (بظاهر) توڙي جو مال گھڻو ٿئي، پر نتيجو هي ٿيندو ته مال گھٽجي ويندو۔      (مسندامام احمد ،مسند عبدالله بن مسعود،۲/۵۰، حدیث:۳۷۵۴)

علّامه عبدُ الرؤف مَناوي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: وياج جي ذريعي مال ۾ وڏي تيزي سان اضافو ٿيندو آهي پر وياج وٺڻ واري شخص تي (مال جي) تباهي ۽ بربادي جا جيڪي دروازا کلندا آهن ان ڪري اهو مال گھٽ ٿيندي ٿيندي نيٺ ختم ٿي ويندو آهي۔ (فیض القدیر،۴/۶۶،تحت الحدیث:۴۵۰۵) وياج  واري مال جي هلاڪت ۽ تباهي جي باري ۾ ارشادِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ آهي۔

یَمْحَقُ اللّٰهُ الرِّبٰوا وَ یُرْبِی الصَّدَقٰتِؕ- (پ ۳،البقرة:۲۷۶) ترجموڪنز الايمان: الله وِياج کي برباد ڪري ٿو ۽ وڌائي ٿو خيرات کي