Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رزق ۾ تنگي جي سببن مان هڪ سبب وياج خوري به آهي جيئن ته روايت آهي: اِياکمْ وَالرِّبَا فَاِنَّه يوْرِثُ الْفَقْرَ يعني وياج کان بچو ڇوته هي تنگدستي آڻي ٿو۔ (ارشاد الساری،کتاب مناقب الانصار، باب حدیث زیدبن نفیل…الخ، ۸/۳۴۳، حدیث:۳۸۲۸) ياد رکو! وياج هڪ اهڙي برائي آهي جنهن هميشه مَعِيشت ۽ روزگار کي تباھ ۽ برباد ڪيو آهي، قرآن ۽ حديث ۾ وياج جي نهايت سخت لفظن ۾ مذمّت بيان ڪئي وئي آهي، ايستائين جو وياج کان پاسو نه ڪندڙن کان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرفان جنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ جيئن سيپاري 3 سوره بقره جي آيت نمبر 278 ۽ 279 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ذَرُوْا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۲۷۸)فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا فَاْذَنُوْا بِحَرْبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖۚ-وَ اِنْ تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُءُوْسُ اَمْوَالِكُمْۚ-لَا تَظْلِمُوْنَ وَ لَا تُظْلَمُوْنَ(۲۷۹) (پ۳، البقرۃ:۲۷۹) ترجموڪنزالايمان: اي ايمان وارو الله کان ڊڄو ۽ ڇڏي ڏيو جيڪو وياج باقي رهجي ويو آهي جيڪڏهن مسلمان آهيو، پوءِ جيڪڏھن ايئن نه ڪيوَ ته يقِين ڪريو الله ۽ الله جي رسُول سان لڙائِي جو ۽ جيڪڏھن توهان توبھ ڪيو ته پنهنجو اصل مال وٺو نه توهان ڪِنهن کي نُقصان پُهچايو ۽ نه توهان کي نُقصان هُجي.
هڪ ٻي هنڌ تي ارشاد فرمايو:
اَلَّذِیْنَ یَاْكُلُوْنَ الرِّبٰوا لَا یَقُوْمُوْنَ اِلَّا كَمَا یَقُوْمُ الَّذِیْ یَتَخَبَّطُهُ الشَّیْطٰنُ مِنَ
ترجموڪنزالايمان: جيڪي ماڻهو وياج کائيندا آهن قيامت جي ڏينهن انهي ماڻهو وانگر اُٿندا جنهن کي جن (آسيب) ڇُهي مخبوط