Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
۾ آهي ته اکين جو زنا ڏسڻ، ڪنن جو زنا ٻڌڻ، زبان جو زنا گفتگو ڪرڻ، هٿ جو زنا ڇهڻ ۽ پيرن جو زنا پيرن سان هلڻ آهي۔ تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اک، ڪن زبان، هٿ، پير ۽ ان کان علاوه ٻيا عضوا جيڪي يقيناً الله عَزَّوَجَلَّ جون عظيم نعمتون آهن، انهن کي هميشه الله عَزَّوَجَلَّ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري وارن ڪمن ۾ استعمال ڪريون، هرگز هرگز بدڪاري وارن ڪمن ۾ استعمال نه ڪيون، ڇوته بدڪاري جتي الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي جو ذريعو آهي اتي رزق ۾ تنگي جو به سبب آهي اچو ان باري ۾ 3 فرمانِ مُصطَفٰي ٻڌون ٿا:
1. حضرت ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْه کان روايت آهي ته رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الزِّنَا يُوْرِثُ الْفَقْر يعني بدڪاري تنگدستي جو سبب آهي۔ (شعب الایمان، الباب السابع و الثلاثون…الخ، بابفی تحریم الفروج، ۴/۳۶۳، حدیث:۵۴۱۷)
2. الله عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو: مون فيصلو ڪيو آهي ته مان زاني کي تنگدست ڪندس جيتوڻيڪ ڪجھ عرصي کان پوءِ سهي۔ (بحر الدموع لابن جوزی،الفصل السابع و العشرون، موبقات الزنی و عواقبہ،ص ۱۶۶)
3. بدڪاري کان پري رهو ڇوته ان جا ڇھ (6) نقصان آهن: ٽي دنياوي ۽ ٽي اُخروي، دُنياوي نقصان هي آهن ته (1) ان سبب چهري جي رونق ختم ٿي ويندي آهي۔ (2) تنگدستي پيدا ٿيندي آهي ۽ (3) عمر گھٽجي ويندي آهي۔ اُخروي نُقصان هي آهن (1) ان جي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جو غضب ٿيندو۔ (2) حساب ۾ سختي ٿيندي۔ ۽ (3) جهنم ۾ داخلو ٿيندو۔ (کنزالعمال ،کتاب الحدو د،قسم الاقوال، الباب الثانی فی انواع الحدو د ، جز ۵، ۳/۱۲۶، حدیث: ۱۳۰۱۸)
مٹا دے ساری خطائیں مری مٹا یا رَبّ بنادے نیک بنا نیک دے بنا یا رَبّ
وسائل بخشش مُرمّم ، ص ۷۸