Rizq Main Tangi Kay Asbab

Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

وسائل بخشش مُرمّم ، ص ۴۴۴

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رزق ۾ تنگي جي سببن مان هڪ سبب بدڪاري (يعني زنا) ڪرڻ به آهي، بدقسمتي سان اها وَبا به اسان جي معاشري ۾ موجود آهي، جڏهن ته قرآنِ ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي هن ڪبيره گُناھ کان منع ڪيو ويو آهي جيئن سيپاري 15 سوره بني اسرائيل جي آيت نمبر 32 ۾ ارشادِ خُداوندي عَزَّوَجَلَّ آهي:

وَ لَا تَقْرَبُوا الزِّنٰۤى اِنَّهٗ كَانَ فَاحِشَةًؕ-وَ سَآءَ سَبِیْلًا(۳۲) (پ۱۵،بني اسرائيل:۳۲)  

ترجموڪنزالايمان: ۽ بدڪارِي (يعني زنا) جي قرِيب نه وڃو بيشڪ اُها بي حيائِي آهي ۽ نهايت ئِي بُرِي واٽ.

نور جي پيڪر،تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشادِ پاڪ آهي: بدڪاري ڪبيره گناهن مان هڪ نهايت وڏو گناھ آهي ۽ بدڪاري ڪرڻ واري تي قيامت تائين الله عَزَّوَجَلَّ، ان جي ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت وسندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن هو توبه ڪري ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جي توبه قبول ڪندو۔

       (بحر الدموع لابن جوزی، الفصل السابع و العشرون، موبقات الزنی و عواقبہ، ص ۱۶۵)

ياد رکو! بدڪاري جو مطلب صرف ۽ صرف اهو ناهي ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي سان ناجائز تعلقات قائم ڪري بُرائي  ڪن بلڪ ان کان علاوه انسان اک، ڪن، زبان، هٿ ۽ پيرن جي ذريعي جيڪي مختلف قسم جا گُناھ ڪندو آهي حديثِ پاڪ ۾ انهن کي به بدڪاري ئي قرار ڏنو ويو آهي جيئن ته نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اکين جو زنا بدنگاهي آهي۔ (بخاری، کتاب الاستئذان، باب زنا الجوارح دون الفرج، ۴ /۱۶۹،حدیث :۶۲۴۳) اهڙي طرح هڪ ٻي حديث پاڪ