Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ، وياج ۽ رِشوت جو ڏي وٺ ڪرڻ، ماءُ پيء جي نافرماني ڪرڻ ۽ انهن کي ستائڻ، امانت ۾ خِيانت ڪرڻ، بدنگاهي ڪرڻ، عورَتن جو مَردن جي ۽ مردن جو عورتن جي مُشابَهت (يعني نقل) ڪرڻ، بي پردگي، غُرُور، تڪبر، حَسَد، رِياڪاري، پنهنجي دل ۾ ڪنهن مسلمان جو بُغض ۽ ڪينو رکڻ، شُماتَت (يعني ڪنهن مسلمان کي مرض، تڪليف يا نقصان پهچڻ تي خوش ٿيڻ) ، ڪاوڙ اچڻ تي شريعت جون حدون اورانگھڻ، گناهن جو حرص، حُبِّ جاھ، بخل، خود پسندي وغيره مُعاملا اسان جي مُعاشَري ۾ وڏي بي خوفي سان ڪيا ويندا آهن۔ ٿورو سوچيو ته ايتري قدر گُناهن جي باوجود به جيڪڏهن اسان کي رزق ۾ تنگي و محرومي کي منهن نه ڏيڻو پوي ته ٻيو ڇا ٿئي؟ تنهنڪري جيڪڏهن اسان معاشي ترقي ۽ برڪت جا خواهش مند آهيون ۽ طرح طرح جي مصيبتن ۽ رزق جي محرومين کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گُناهن جي مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، ياد رکو! گُناهن جي ارتڪاب جي باوجود مصيبتن کان نجات جي تمنّا ڪرڻ ڄڻ ڪنڊا پوکي گلاب جا گل حاصل ڪرڻ جي توقع ڪرڻ آهي۔
دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے
اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو:لاَيرُدُّ الْقَدْرَ اِلاَّ الدُّعَاءُ وَلاَ يزِيدُ فِي الْعُمْرِ اِلاَّ الْبِرُّ فَاِنَّ الرَّجُلَ لَيحْرَمُ الرِّزْقَ بِالذَّنْبِ يصِيبُه، يعني دعا سان تقدير بدلجي ويندي آهي ۽ نيڪين سان عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، بي شڪ ٻانهو گناهن جي سبب ان رزق کان محروم ڪيو ويندو آهي جيڪو ان کي ملڻو هوندو آهي۔ (المستدرک،کتاب الدعاء والتکبیر،باب:لایرد القدر...الخ ، ۲/۱۶۲، حدیث۱۸۵۷)
عاشقِ مال اس میں سوچ آخر کیا عُروج و کمال رکھا ہے؟
تجھ کو مل جائے گا جو قسمت میں تیری رزقِ حلال رکھا ہے