Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
کرکے توبہ میں پھر گُناہوں میں ہو ہی جاتا ہوں مبُتلا یا رَبّ
نیم جاں کر دیا گُناہوں نے مرضِ عصیاں سے دے شِفا یا رَبّ
وسائل بخشش مُرمّم ، ص ۷۹
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ مُبارڪه ۽ ان جي تفسير کي پيشِ نظر رکندي اسان پنهنجي حالت تي غور ڪيون ته طرح طرح جي مصيبتن ۽ رزق ۾ بي برڪت جو سبب ڪٿي اسان جا پنهنجا ئي برا عمل ته ناهن ڇوته اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ گُناهن جو بازار ايتري قدر گرم آهي جو اَلاَمَانُ وَالحَفِيظ۔ بد قسمتي سان ماڻهن جو وڏو تعداد بي عملي جو شڪار آهي، نه حقوقُ العباد يعني ماڻهن جا حقوق جي ادائيگي جو خيال آهي ۽ نه ئي حقوقُ الله جي بي پناھ پائمالي جو ڪوئي احساس، نيڪيون ڪرڻ نفس جي لاءِ بي حد دُشوار ۽ گناھ ڪرڻ نهايت آسان ٿي چڪو آهي، مسجِدن جي وِيراني ۽ سينما گھرن ۽ ڊرامه گاهن جي رونق، دين جو دَرد رکڻ وارن کي تڙپائي ڇڏي ٿي۔ ٽي وي، ڊش اِنٽينا، انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جو گُناهن ڀريو استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد به گھٽ ناهي، ضَرورتن جي پورائي ۽ سَهولتن کي حاصل ڪرڻ ۾ حد کان وڌيڪ ڪوشش مسلمانن جي وڏي تعداد کي آخرت جي فڪر کان بلڪل غافل ڪري ڇڏيو آهي۔ گار ڏيڻ، تهمت لڳائڻ، بدگماني ڪرڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ، ماڻهن جا عيب ڄاڻڻ جي جستجو ۾ رهڻ، ماڻهن جا عيب کولڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙا وعدا ڪرڻ، ڪنهن جو مال ناحق کائڻ، رت وهائڻ، ڪنهن کي بِلااجازت ِشَرعي تڪليف ڏيڻ، قرض ڦٻائڻ، ڪنهن جي شيء عارِيتاً (يعني وقتي طور تي اڌار ورتل شي) وٺي واپَس نه موٽائڻ، مسلمانن کي بُرن لقبن سان سڏڻ، ڪنهن جي شيء ان کي ناگوار گذرڻ باوُجُود بِلااجازت استعمال ڪرڻ، شراب پيئڻ، جُوا کيڏڻ، چوري ڪرڻ، بدڪاري ڪرڻ، فلمون ڊراما