Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
يارسول الله! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کاڌو ته کائيندا آهيون پر ڍؤ ناهي ٿيندو؟ رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو، ”توهان الڳ الڳ کائيندا هوندؤ؟“ عرض ڪيائون ”جي ها“. فرمايائون، گڏجي ويهي کاڌو کائيندا ڪريو ۽ بِسۡمِ اللّٰہ پڙهي ڇڏيندا ڪريو توهان جي لاءِ کاڌي ۾ برڪت ڏني ويندي۔
(ابوداود، کتاب الاطعمۃ، باب فی الاجتماع علی الطعام، ۳/۴۸۶ ،حدیث: ۳۷۶۴)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
بُرا عمل به رزق ۾ تنگي جا سبب آهن
رزق ۾ تنگي جو هڪ سبب گناھ ڪرڻ به آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وقتا فوقتاً انسان کي پيش اچڻ وارين مختلف قسمن جي مصيبتن مان تنگدستي، بي روزگاري ۽ رزق ۾ بي برڪتي جو به هڪ وڏو سبب ان جا پنهنجا ئي برا عمل آهن، انسان جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ جون نافرمانيون ڪرڻ تي لهي ايندو آهي ۽ گُناھ تي گُناھ ڪرڻ لڳندو آهي ته تنگدستي، بي روزگاري ۽ ان جي علاوه ڪيترين ئي مصيبتن جو شڪار ٿي ويندو آهي، سيپاري 25 سورةُ الشّوريٰ جي آيت نمبر 30 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مَاۤ اَصَابَكُمْ مِّنْ مُّصِیْبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ اَیْدِیْكُمْ وَ یَعْفُوْا عَنْ كَثِیْرٍؕ(۳۰) (پ۲۵، الشوري:۳۰)
ترجموڪنز الايمان: ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهتي اهو ان جي سبب آهي جيڪو توهان جي هٿن ڪمايو ۽ اهو گهڻو ڪجهه ته معاف فرمائيندو آهي
صَدرُ الافاضِل حضرتِ علّامه مولانا سَيد مفتي محمد نعيمُ الدّين مُرادآبادي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيت ڪريمه تحت فرمائن ٿا ته دنيا ۾ جيڪي تڪليفون ۽ مصيبتون مومنن کي پهچنديون آهن اڪثر انهن جو سبب انهن جا گناھ هوندا آهن، انهن تڪليفن کي الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي گناهن جو ڪفارو ڪندو آهي۔
نفس و شیطان ہوگئے غالب ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ