Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
اُمُ المؤمنين سيّدُتنا عائشه صِديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون،” ٻنهي جهانن جا سلطان، شهنشاههِ ڪون و مڪان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گهر مبارڪ ۾ تشريف کڻي آيا، مانيءَ جو ٽڪر ڪِريل ڏٺائون ته ان کي کڻي ڪري اگهيائون پوءِ کاڌائون ۽ فرمايائون، يَا عَائِشَةُ اَكْرِمِيْ كَرِيْمًا فَاِنَّهَا مَا نَفَرَتْ عَنْ قَوْمٍ قَطُّ فَعَادَت اِلَيْهِمْ ” اي عائشه! ( رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا) سٺي شيء جو احترام ڪريو،.جو اها شيء (يعني ماني) جڏهن ڪنهن قوم کان هلي وئي آهي ته موٽي ناهي آئي۔ (ابن ماجہ، کتاب الاطعمۃ، باب النھی عن القاء الطعام، ۴/ ۴۹،حدیث:۳۳۵۳)
تنهنڪري اسان کي کاڌي جهڙي عظيم الله جي نعمت جو قدر ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏوگڏ کاڌو کائڻ وقت کاڌي جي سنتن ۽ آداب جو به خُوب خُوب خيال رکڻ گھرجي ڇوته جيڪڏهن اسان کائڻ جي وقت کاڌي جي سنتن ۽ آداب کي پيشِ نظر رکنداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نه صرف رزق جي بي قدري کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين بلڪ دُنيا ۽ آخرت جي کوڙ سارين ڀلائين سان گڏوگڏ رزق ۾ خير و برڪت جي نعمت سان به سرفراز ٿينداسين۔ اچو پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تجويز ڪيل رزق ۾ خير و برڪت جو هڪ مدني نُسخو ٻڌون ٿا ۽ ان کي اپنائڻ جي نيت ڪيون ٿا۔
خـلـيفہءِ ثاني امير المؤمنين حضرتِ سيّدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْه روايت ڪن ٿا ته سرڪارِ مدينہءِ منَّـوره، سردارِ مـڪہءِ مڪرمہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ برڪت نـشان آهي ته ” گڏجي کائو الڳ الڳ نه کائو جو برڪت جماعت سان گڏ آهي۔ (ابن ماجہ،کتاب الاطعمۃ، باب الاجتماع علی الطعام، ۴/۲۱ ،حدیث: ۳۲۸۷)
حضرت سيّدُنا وحشي بن حرب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڏاڏي سائين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْه کان روايت ڪن ٿا ته صحابہء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم بارگاههِ رسالت ۾ عرض ڪيو؛