Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
مسلمان الله تعاليٰ جي ناشڪري ڪندي، يادِ خدا کان غفلت کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي، ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پورائي ۾ مصروف ٿي وڃي ۽ پنهنجي بُرن عملن جي گھڻائي جي ڪري پاڻ کي الله تعاليٰ جي نعمتن جو نااهل ثابت ڪري ڇڏيندا آهن ته الله تعاليٰ انهن کان پنهنجون ڏنل نعمتون واپس وٺي ڇڏيندو آهي۔ (صراطُ الجنان، ۳/۵۴۳) قرآنِ پاڪ جي سيپاري 13 سوره ابراهيم جي آيت نمبر 7 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ شڪر جي اهميت ۽ ناشڪري جي وبال کي واضح ڪندي ارشاد فرمايو:
وَ اِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِیْدَنَّكُمْ وَ لَىٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِیْ لَشَدِیْدٌ(۷) (پ۱۳،ابراهيم:۷)
تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ ياد ڪريوجڏهن توهان جي رب ٻڌائي ڇڏيو شڪر ڪندؤ ته مان توهان کي وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪيو ته منهنجو عذاب سخت آهي.
رزق جي بي قدري جو احوال ۽ ان جو وبال
شيخ ِطريقت، اميرِاهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علاّمه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رَضَوي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اڄڪلھ انتهائي بي حسي سان ٿيندڙ رزق جي ناقدري ۽ بي حُرمتي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: اڄڪلھ رِزق جي بي قَدري ۽ بي حُرمتي مان ڪهڙو گھر خالي آهي، بنگلي ۾ رهڻ واري اَرَب پَتي کان وٺي جهوپڙي ۾ رهڻ وارو مزدور به ان بي احتياطي جو شڪار نظر اچي ٿو، شادي ۾ طرح طرح جي کاڌن جي ضائع ٿيڻ کان وٺي گھرن ۾ٿانؤ ڌوئڻ وقت جهڙي نموني ٻوڙ جو شوربو، چانور ۽ ان جا اجزا وهائي مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ نالي جي حوالي ڪيا ويندا آهن، جنهن سان اسان سڀ واقف آهيون، ڪاش رِزق ۾ تنگي جي هن عظيم سبب تي اسان جي نظر هجي ها ۽ کاڌي کي ضائع ٿيڻ کان بچائي وٺون ها ڇو ته هي (کاڌو) اهڙي شيء آهي جنهن جو ادب ۽ احترام اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد