Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
ڪري کڻي آيو، مامون ان کي حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪيو، حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمايو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حديث مبارڪ تي عمل جي هٿوهٿ برڪت ظاهر ٿي وئي. (ثمراتُ الاوراق، ۱/۸)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت ،فيضانِ سُنّت جلد 1 تان پيش ڪئي وئي آهي ،اچو انهي مناسبت سان فيضانِ سنّت جلد 1 جو تعارف به ٻڌون ٿا.
ڪتاب ”فيضانِ سنّت (جلد اول ) “جو تعارف
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فيضانِ سنّت (جلد اول) در حقيقت شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تاليف ڪيل مستقل 4 ڪتابن کي پنهنجي دامن ۾ ورتل آهي (1) ”فيضانِ بِسۡم الله“ هي باب بسم الله جي فضائل ۽ ان سان متعلق دلچسب حڪايتن تي مشتمل آهي (2) ” آدابِ طعام“ جيڪو کائڻ جي سُنّتن ۽ آداب کان علاوه 99 سبق آموز حڪايات تي مشتمل آهي (3) ”پيٽ جو قفلِ مدينه “ جيڪو ضرورت کان زياده کائڻ جي ديني ۽ دنياوي نقصانات جي بيان پڻ قفلِ مدينه جي برڪتن سان مالامال حديثن ۽ حڪايتن تي مشتمل آهي، (4) ”فيضانِ رمضان“ جيڪو روزا، تراويح، اعتڪاف، زڪٰوٰة ۽ عيدُ الفطر جي فضائل ۽ رنگ برنگي خوشبودار مدني گلن جو نهايت ئي حسين گلدستو آهي. حقيقت هي آهي ته فيضانِ سُنّت (جلد اول) موضوعات جي ڪثرت ۽ جامعيت جي اعتبار سان نه فقط درس ڏيڻ وارن اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ بلڪ تمام مسلمانن جي لاءِ مفيد ۽ علم دين حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. لهٰذا تمام اسلامي ڀائرن سان مدني التجاء آهي ته اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديةً حاصل ڪريو۽ وقتًا فوقتاً ان جو مطالعو ڪندا رهو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن وقت تائين انگريزي کان علاوه گجراتي، سنڌي ۽ بنگالي زبانن ۾ به هن ڪتاب جو ترجمو ٿي چڪو آهي. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawteislami.net ان هن ڪتاب