Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

حيا ڇڏي گناھن ۾ ملوّث ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو آھي. (فيض القدير، حرف الھمزۃ، ۳ /۱۰۲ ،تحتَ الحديث ۲۷۹۵ ملخصاً)

ياد رکو! مرد کي پنهنجي چاچي جي ڌيءُ (سوٽ)، مامي جي ڌيءُ (ماروٽ)، ڦڦيءَ جي ڌيءُ (ڦڦاٽ)، خالا جي ڌيءُ (ماسات) کان پردو آهي، انهن سڀ کي انگلش ۾ ڪزن (cousin) چوندا آهن، انهن سان تنهائي اختيار ڪرڻ، بي تڪلف ((free ٿيڻ  کل مذاق وغيره ڪرڻ، بيحد خطرناڪ نتائج آڻي سگهن ٿا، اهڙي طرح ياد رکو! سالي، ڀابهي (ڀاڄئي)، چاچِي، ماميءَ کان به پردو آهي. انهن سان به تنهائي اختيار ڪرڻ، بي تڪلف هئڻ جي اجازت ناهي جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا انهن سڀني کي الله عَزَّوَجَلَّ جي عذاب کان ڏڪي وڃڻ گهرجي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو الله عَزَّوَجَلَّ جي ناراضي جي سبب دنيا ۽ آخرت تباهه ۽ برباد ٿي وڃي، پڻ هي به ياد رکو ته ڪنهن کي پيءُ، ڀاءُ يا زبان سان پُٽ بڻائي ڇڏڻ سان اهي حقيقي پيءُ، ڀاءُ يا پُٽ نه ٿا بڻجي سگهن. انهن سان ته نڪاح به درست آهي. اسان جي معاشري ۾ زبان سان چيل رشتن جو رواج عام آهي ڪو مرد ڪنهن کي ”ماءُ“ بڻائي ڇڏي ٿو، ڪا ڇوڪري ڪنهن کي ”ڀاءُ“ بڻائي ويٺي آهي ته ڪنهن خاتون ڪنهن کي ”پُٽ“ بڻايو آهي، ڪو ڪنهن جوان ڇوڪري جو زبان سان چيل چاچو آهي ته ڪو زبان سان چيل پيءُ ۽ پوءِ بي پردگيون، بي تڪلف ۽ مخلوط دعوتون (يعني اهڙيون دعوتون جنهن ۾ مرد ۽ عورت گڏ هوندا آهن انهن ۾ گناهن جو اهڙو سيلاب ايندو آهي جو اَلۡاَمَان وَالۡحَفِيۡظ) صنفِ مخالف سان گڏ زباني رشتا قائم ڪرڻ وارن ۽ وارين کي الله کان ڊڄندو رهڻ گهرجي ڇو ته شيطان پهريان ٻڌائي وار ناهي ڪندو. حديثِ پاڪ ۾اچي ٿو، ”دنيا ۽ عورتن کان بچو ڇو ته بني اسرائيل ۾ سڀ کان پهريون فتنو عورتن جي سبب اٿيو“

                                                       (صحيح مسلم، ص. 1465، حديث 2742)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي شيطان جو ڄار ۽ شَهوت جي وَبال کان بچڻ