Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

آهيان۔ ”اي مُوسيٰ (عَلَيه السَّلام) ! آئون اوهان کي ٽن (3) ڳالهين سان خبردار ڪيان ٿو،

(۱) ڪڏهن به ڪنهن اهڙي عورت سان تنهائي ۾ نه رهجو جيڪا اَجنبيه (يعني غير محرم) هجي ڇوته جڏهن انسان ڪنهن غير مَحرَم عورت سان گڏ هوندو آهي ته ان ٻنهي جي وچ ۾ ٽيون آئون هوندو آهيان ۽ انهن کي گناھ ۾ مبُتلا ڪري ڇڏيندو آهيان۔

(۲) جڏهن به الله عَزَّ وَجَلَّ سان ڪو واعدو ڪيو ته ان کي ضرور پورو ڪيو، ۽ ان کي پورو ڪرڻ ۾ جلدي ڪيو ڇوته جڏهن به ڪو شخص الله عَزَّوَجَلَّ سان واعدو ڪري ٿو ته مان ۽ منهنجا ساٿي ان کي وعدو پورو ڪرڻ کان روڪيندا آهيون۔

(۳) جڏهن به ڪنهن تي صدقو ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هڪدم ان تي عمل ڪيو ڇوته جڏهن به ڪو شخص اهڙو نيڪ اِرادو ڪندو آهي ته مان ۽ منهنجا ساٿي ان کي وَرغلائيندا آهيون ۽ ان کي ان نيڪ عمل کان روڪيندا آهيون۔ ايترو چوڻ کان بعد شيطان مردود پاڻ عَلَيه السَّلام وٽان رُخصت ٿيو ۽ هو اهو چوندي وڃي رهيو هو: ''هاءِ افسوس! موسيٰ (عَلَيه السَّلام) منهنجي ٽنهي وَارن کان واقف ٿي ويا، انهن جي ذريعي ئي ته مان ماڻهن کي ورغلائيندو آهيان، هاڻ موسيٰ (عَلَيه السَّلام) ته ماڻهن کي انهن ڳالهين سان آگاھ ڪري ڇڏيندا۔''

(عيون الحڪايات مترجم ،۱/۱۹۲،عيون الحڪايات، عربي ص ۱۲۳)

مَحَبَّت میں اپنی گما یا الٰہی

نہ پاؤں میں اپنا پتہ یا الٰہی

رہوں مست وبے خُود میں تیری ولا میں

پلا جام ایسا پلا  یا الٰہی

(وسائلِ بخشش،ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد