Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

نوشي ۽ بدڪاري جهڙن گناهن ۾ ٿورو به شرم محسوس نٿو ڪري۔ اهڙين ئي خُرافات جو اِرتڪاب ”ويلنٽائن ڊي“ جي موقعي تي به سَرعام ڪيو ويندو آهي۔ هن ڏينهن ماڻهو تمام شرعي حدن کي اورانگھي خوب گناهن جو بازار گرم ڪندا آهن۔ هن ڏيهاڙي کي ملهائڻ جو انداز هي هوندو آهي ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بي پردگي ۽ بي حيائي سان ميل ملاپ، تحفا سوکڙين جي ڏي وٺ کان وٺي فحاشي ۽ عرياني جي هر قسم جو مظاهرو کلي عام يا لڪي چوري جنهن جو جيترو وس هلي ٿو عام ڏٺو يا ٻڌو ويندو آهي، گفٽ شاپس (gift shops) ۽ گلن جي دڪانن تي رش ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ انهن شين کي خريدڻ وارا به نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون آهن۔ اسلامي ملڪن ۾ کلي ڇوٽ نه هئڻ جي ڪري نوجوان جوڙن کي پنهنجي ناجائز خواهشن پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن محفوظ هنڌ جي ڳولها هوندي آهي۔ انهيء مقصد جي لاءِ ويلنٽائن ڊي تي هوٽلن جي بڪنگ عام ڏينهن جي مقابلي ۾ وڌي ويندي آهي ۔شراب جو (مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ) تمام گھڻو ڪاروبار ٿيندو آهي سمنڊ جي ڪناري تي بي پردگي ۽ بي حيائي جو هڪ نئون سمنڊ ڏسڻ ايندو آهي۔

اهي ملڪ جتي غير مسلم مادر پدر آزادي (مذهبي ۽ اخلاقي پابندين کان آزاد) رهن ٿا ۽ فحاشي و عُرياني ۽ جنسي بي راهه روي کي اتي هر طرح جي قانوني ڇوٽ حاصل آهي ان ڏينهن جي ڌمچر مچائڻ، گوڙشور ڪرڻ کان بعض اوقات اهي به پريشان ٿي ويندا آهن ۽ ان جي خلاف بعض اوقات ڪٿي ڪٿي دٻيل احتجاج جي صداء به بلند ٿيندي رهندي آهي ۔

وڏي ڏُک ۽ افسوس جي ڳالھ هي آهي ته هن ڏينهن کي غير مسلمن جيان بي حيائي سان ملهائڻ وارا گھڻا مسلمان به الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسولِ ڪريم
صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه ِوَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا ڪيل پاڪيزهه احڪامن کي نظر انداز ڪندي کُلم