Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)       

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

       2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

٭ نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس ٭ ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هر شخص هي ڳالهه ڄاڻيندو هوندو ته اسلام ۾ پردي کي نهايت اَهميت حاصل آهي جيسيتائين مُسلمان عورتن پردي کي اختيار ڪيو مُسلم مُعاشري گھڻي ترقي ڪئي پر جيئن جيئن مسلمانن جي دلين مان پردي ۽ حياء جي اهميت نڪرندي وئي ته ان جو انجام هي ٿيو ته مُعاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو ويو ۽ طرح طرح جون بُرائيون پيدا ٿيڻ لڳيون، بد نگاهي عام ٿي وئي، فحاشي ۽ عُرياني وڌي وئي ۽ مَجازي عشق ماڻهن کي برباد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو نيٺ مُعاشرو تباهي جي ڪناري تائين