Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

ويا آهن ۽ هو هن ڳالھ سبب خوف زَده آهن ته اوهان انهن کي قتل ڪري ڇڏيندؤ، تنهنڪري انهن کي اَمان عطا فرمايو۔ پوءِ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي درخواست قبول ڪندي عِڪۡرِمَه کي اَمان ڏئي ڇڏي۔ پوءِ حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حڪيم رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها عِڪرِمَه جي ڳولها ۾ باپرده نڪتيون ۽ آخر تِهامَه جي ساحل تي پهتيون۔ هوڏانهن عِڪرِمَه به انهيء ساحل تي پهچي ٻيڙيءَ تي  چڙهيا ته ڪشتي لڏڻ لڳي، ڪشتي واري چيو: اِخلاص سان رب کي ياد ڪيو۔ عڪرمه چيو: مان ڪهڙا لفظ چوان؟ ان چيو: لَا اِلٰهَ اِلَّا الله چئو! ته هن چيو: هن ڪلمي جي ڪري ته مان هتي تائين پهتو آهيان،  بس توهان مون کي هتي ئي لاهي ڇڏيو۔ ايتري ۾ حضرت سَيدَتُنا اُمّ حڪيم رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها اوهان کي ڏسي ورتو ۽ ان کي چوڻ لڳيون: اي منهنجي چاچي جا پٽ! مان هڪ اهڙي عظيم هستي وٽان اچان پئي جيڪي نهايت گھڻا رحم دل ۽ احسان فرمائڻ وارا آهن، هو ماڻهن ۾ سڀ کان افضل آهن۔ تنهنڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجھو! سندن رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها جي زور ڀرڻ تي عِڪرِمَه رُڪي ويا، پوءِ پاڻ رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها انهن کي اَمان جو يقين ڏياريندي واپسي جي لاءِ آمادو ڪري ورتو، ان کان پوءِ ٻئي مڪه مڪرمه زَادَها اللّٰه شَرَفًاوَّتَعْظِيماً موٽي آيا ۽ ائين حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حڪيم رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها پنهنجي مڙس حضرت سَيّدُنا عِڪۡرِمَه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه سان گڏ باپرده بارگاه نبوّت ۾ حاضِر ٿيون ته انهن اَمان جو يقين ڪرائڻ کان بعد اِسلام قبول ڪري ورتو۔  (ڪنز العمال، ڪتاب الفضائل، فضائل الصحابة، عڪرمه رضي الله عنه، ٧/ ۲۳۲، حديث:۳۷۴۱۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حِڪايت ۾ اسان سڀني جي لاءِ تمام گھڻا مَدَني گل موجود آهن ۽ تن مان سڀ کان اَهم مَدَني گل هي آهي ته حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حڪيم رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها اِسلام آڻڻ کاڻ بعد پنهنجي مڙس کي به اِسلام جي حَقّانِيت واري ڇانو ۾ آڻڻ جي لاءِ ايتري قدر ڊگھو سفر ڪيو پر اِسلامي تعليمات تي عَمَل ڪنهن به موقعي تي نه ڇڏيو ۽ دشوار سفر ۾ به باپرده رهيون۔ ائين نيٺ