Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

عزت ۽ عصمت (پاڪ دامني) جو محافظ آهي جڏهن ته ان کي گھر ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن گھر ۾ رهندي چڱي نموني گھر جا ڪم ڪري، پنهنجي مڙس جي حقن ۽ ٻارن جي سٺي پرورش ڪري ۽ پنهنجي عفت ۽ عصمت (عزت و پاڪ دامني) جي حفاظت ڪري سگھي۔ عورت جو پنهنجي گھر ۾ رهڻ ڪيتري قدر اهميت جو حامل ۽ ڪهڙن ڪهڙن فائدن جو ضامن آهي اچو هن باري ۾ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 170 صَفحن تي مُشتمل ڪتاب ”اسلامي زندگي“ صَفحَي 105 تان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔

(1)٭عورت گھر جي دولت آهي ۽ دولت کي لڪائي گھر ۾ رکيو ويندو آهي، هر هڪ کي ڏيکارڻ سان خطرو آهي ته ڪوئي چوري ڪري وٺي۔ اهڙي طرح عورت کي لڪائڻ ۽ غيرن کي نه ڏيکارڻ ضَروري آهي۔                

(2)٭عورت گھر۾اهڙي آهي جيئن باغيچي۾گل ۽ گل باغيچي ۾ئي سر سبز رهي ٿو، جيڪڏهن پٽي ٻاهر آندو ويو ته ڪومائجي ويندو۔اهڙي طرح عورت جو باغيچو ان جو گھر ۽ ان جا ٻار ٻچا آهن، ان کي بلاوجه ٻاهر نه آڻيو نه ته ڪومائجي ويندي۔ عورت جي دِل نِهايت نازُڪ آهي، نهايت جلد هر طرح جو اَثَر قبول ڪندي آهي، ان ڪري انهن کي نازڪ شيشيون فرمايو ويو۔

(3)٭ اسان وٽ پڻ عورت کي صِنفِ نازُڪ چون ٿا ۽ نازُڪ شين کي پٿرن کان پري رکبو آهي ته جيئن ٽُٽي نه وڃن۔ غيرن جي نگاهون ان جي لاءِ مضبوط پٿر آهن، ان ڪري ان کي غيرن کان بچايو۔

(4) عورت پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي پيءِ ڏاڏي بلڪ سڄي خاندان جي عزّت ۽ آبرو آهي ۽ ان جو مِثال سفيد ڪپڙي وانگر آهي، سفيد ڪپڙي تي معمولي داغ دٻو پري کان چمڪندو آهي ۽ غيرن جون نگاهون ان جي لاءِ هڪ بدنُما