Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

عَلِیْمٌ خَبِیْرٌ(۱۳)(پ۲۶،الحجرات:۱۳)                     عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي.                                                  بيشڪ الله ڄاڻ وارو ۽ خبردار آهي.

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيتِ مُبارڪه تحت فرمائن ٿا : سڀني اِنسانن جو اَصل حضرت آدم ۽ حوا (عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام وَرَضِى الله تَعَالٰى عَنْها) آهن ۽ انهن جو اَصل مٽي آهي ته توهان سڀني جي اَصل مٽي ٿي پوءِ نَسَب تي اَڪڙجو ۽ تڪبر ڇو ڪيو ٿا۔ انسان کي مختلف نسب ۽ قبيلن ۾ بنائڻ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ جي لاءِ آهي نه هي ته فخر ڪرڻ ۽ پاڻ پڏائڻ جي لاءِ۔ (هن آيتِ مُبارڪه جو شانِ نُزول بيان ڪندي فرمائن ٿا :)حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مديني جي بازار ۾ تشريف کڻي ويا، اتي مُلاحَظه فرمايائون ته هڪ غُلام هي چئي رهيو آهي ته جيڪو مون کي خريد ڪندو،  هو مون کي حُضُور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي پويان پنج گانه نماز کان نه روڪي، ان کي هڪ شخض خريدي ڪري ورتو پوءِ هو غُلام بيمار ٿي ويو ته سرڪار (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ان جي بيمار پُرسي جي لاءِ تشريف کڻي ويا پوءِ ان جي وفات ٿي وئي ، ته حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ان جي دَفن ۾ شريڪ ٿيا، ان تي ڪجهه ماڻهن حيراني جو اِظهار ڪيو ته غُلام ۽ ان تي ايترو انعام ان تي اها آيتِ ڪريمه نازل ٿي۔ (نُورُ العرفان )

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّ اُنْثٰى وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّ قَبَآىٕلَ لِتَعَارَفُوْاؕ-اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْؕ-اِنَّ اللّٰهَ عَلِیْمٌ خَبِیْرٌ(۱۳) (پ۲۶،الحجرات:۱۳)

 ترجموڪنزالايمان؛ اي انسانون! اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ذاتيون ۽ قبيلا ڪيو، جيئن هڪ ٻئي جي سڃاڻ رکو. بيشڪ الله وٽ توهان ۾ زياده عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي. بيشڪ الله ڄاڻ وارو ۽ خبردار آهي.

حضرت سَيدُنا ابو هريره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا:حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد