Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته جيڪو خوش نصيب مسلمان دُنيا جي رنگينين کان پاسو ڪري، گناهن کان ناطو  ٽوڙي صرف رِضاءِ الٰهي جي لاءِ عبادت و رياضت ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري کي پنهنجي عادت بڻائي ٿو، عاجزي ڪندي پاڻ کي حقير ۽ ٻين کي بهتر تصور ڪري ٿو، نفل روزا ۽ صدقو، خيرات کي پنهنجو معمول بڻائي ٿو، صرف رزقِ حلال ئي ڪمائي ٿو ۽ عبادت جي گھڻائي باوجود پنهنجو عمل ظاهر ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، پاڻ کي سڀ کان وڏو گناھ گار تصوّر ڪري ٿو ۽ جهنم جي خوف ۽ خوفِ خدا کان ڏڪندو ڪنبدو رهي ٿو ته الله عَزَّوَجَلَّ خوش ٿي ان جو مرتبو ايتري قدر بلند فرمائي ٿو جو ان جا عبادت گُذار ٻانها به ان وٽ حاضر ٿي ان سان مُلاقات ڪندا آهن۔ پر افسوس جو اڄ اسان جي مُعاشري ۾ ته افضليت جو معيار صرف اهو رهجي ويو آهي جو اسان مالدارن، سرمايه دارن، آفيسرن، وزيرن، دنيوي عزّت ۽ منصب رکڻ وارن، مهانگي گاڏين ۾ گُھمڻ وارن، مهانگا موبائل، ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ رکڻ وارن، عُمده لباس ۾ ملبوس رهڻ وارن، بلند بلڊنگن، خُوبصورت بنگلن، يا مهانگن علائقن ۾ رهڻ وارن، سهڻي رنگت وارن ۽ اعليٰ نسب وارن کي ئي سڀ کان افضل ۽ بهتر سمجھون ٿا ۽ صبح ۽ شام انهن جا گُڻ ڳائيندي نظر اچون ٿا جڏهن ته الله رَبُّ الۡعِزّت عَزَّوَجَلَّ وٽ اهو ئي مسلمان وڌيڪ عزت ۽ اِڪرام وارو آهي جيڪو تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۾ ٻين کان وڌيڪ هجي، جيئن سيپاري 26 سُوْرَة الْحُجُرات جي آيت نمبر 13 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّ اُنْثٰى وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّ قَبَآىٕلَ لِتَعَارَفُوْاؕ-اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْؕ-اِنَّ اللّٰهَ

ترجموڪنزالايمان؛ اي انسانون! اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ذاتيون ۽ قبيلا ڪيو، جيئن هڪ ٻئي جي سڃاڻ رکو. بيشڪ الله وٽ توهان ۾ زياده