Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

پئي چاهيو۔ پوءِ چوڻ لڳو: منهنجو ٻيو ته ڪو خاص عمل ناهي، ها! ايترو ضرور آهي ته مان سڄو ڏينهن حلال رزق ڪمائڻ ۾ مشغول رهان ٿو ۽ حرام مال کان بچان ٿو پوءِ الله تعاليٰ مون کي سڄي ڏينهن ۾ جيترو رزق عطا فرمائي ٿو، مان ان مان اڌ ان جي راھ ۾ صدقو ڪندو آهيان ۽ اڌ پنهنجي اَهل وعيال تي خرچ ڪندو آهيان۔ ٻيو عمل هي آهي ته مان ڪثرت سان روزا رکندو آهيان ، ان جي علاوه ڪا ٻي شيء مون ۾ اهڙي ناهي، جيڪا فضيلت جو سبب هجي۔ هي ٻڌي عابد ان نيڪ موچي وٽان واپس موٽيو ۽ ٻيهر عبادت ۾ مشغول ٿي ويو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ان کي خواب ۾ چيو ويو: ان موچي کان پُڇو ته ڪهڙي شيء جي خوف تنهنجو چهرو زَرد (يعني ڦڪو) ڇو آهي؟ پوءِ هو عابد ٻيهر موچي وٽ آيو، ۽ ان کان پُڇيو: توهان جو چهرو زَرد (يعني ڦڪو) ڇو آهي؟ آخر توهان کي ڪهڙي شيء جو خوف آهي؟ موچي جواب ڏنو: جڏهن به مان ڪنهن شخص کي ڏسان ٿو ته مون کي هي گُمان ٿئي ٿو ته هي شخص مون کان بهتر آهي، هي جنّتي آهي ۽ مان جهنّم لائق آهيان، مان پنهنجو پاڻ کي سڀ کان حقير سمجھان ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ گُناهگار تصور ڪيان ٿو ۽ مون کي هر وقت جهنَّم جو خوف تڙپائي پيو۔ بس اهو ئي سبب آهي جو منهنجو چهرو زَرد (يعني ڦڪو) ٿي ويو آهي۔ هو عابد واپس پنهنجي عبادت خاني ۾ هليو ويو۔ حضرت سَيدُنا خلد بن اَيّوب رَحْمَةاللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ان موچي کي ان عبادت گُذار شخص تي ان ڪري فضيلت ڏني وئي جو هو ٻين جي مُقابلي ۾ پنهنجو پاڻ کي حقير سمجھندو هو ۽ پنهنجي علاوه سڀني کي جنّتي سمجھندو هو۔(عيون الحڪايات،ص۱۰۳)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

 

یاربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجِزی کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد