Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 (صفحا 312) ۽ 120 صفحن تي مشتمل ڪتاب سنتیں ۽ آداب“، رسالو ”163 مدني گل“ ۽ ”101 مدني گل“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ بغور انهن جو مطالعو فرمايو۔ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

علم حاصل کرو، جہل زائل کرو

 

پاؤ گے راحتیں، قافلے میں چلو

سنتیں سیکھنے، تین دن کے لیے

 

ہر مہینے چلیں ، قافلے میں چلو

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ درود شريف

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي

الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])

﴿2 سمورا گُناھ مُعاف


 

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون،ص151ملخصًا