Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www,dawteislami.net  تان هن ڪتاب کي پڙهي به  سگهجي ٿو ،ڊائون لوڊ ( download ) به ڪري سگهجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ ( print out ) به ڪري سگهجي ٿو

 مٺا مٺااسلامي ڀائرو! هاڻي  جيڪا اسان حڪايت ٻڌي ان حڪايت مان هي به معلوم ٿيو ته اسان جا بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی سنّتن تي عمل جي مُعاملي ۾ دنيا جي وڏي کان وڏي رئيس بلڪ بادشاهه جي به پرواهه نه ڪندا هئا، هن حڪايت مان اسان جي انهن اسلامي ڀائرن کي درس حاصل ڪرڻ گهرجي،جيڪي ماڻهن جي مروت جي ڪري کائڻ پيئڻ جون سنّتون ڇڏي ڏيندا آهن جيڪي ماڻهن جي وجه سان ڏاڙهي شريف رکڻ جي عظيم سنّت کان محروم رهندا آهن۽ عِمامي مبارڪ جي عزّت واري تاج کي مٿي تي سجائڻ کان نٽائيندا آهن، انهن  کي به غور ڪرڻ گهرجي، يقينًا سُنّت تي عمل ڪرڻ ٻنهي جهانن ۾ سعادت جو ڪارڻ آهي ،

جو اپنے دل کے گُلدستے میں سُنت کو سجاتے ہیں

وہ بے شک رَحمتیں دونوں جہاں کی حق سے پاتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!زبردست محدّث ۽ عالمِ دين حضرت سيّدنا  هدبه بن  خالد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه   رزق جي قدر ڪئي ، دسترخوان تي ڪريل ذرن  کي چونڊي ڪري کاڌائون ته الله تعاليٰ رزق جي قدر ڪرڻ جي برڪت سان  انهن کي هڪ هزار دينار شاهي دربار  تان ڏياريا  ۽ پاڻ مالدار ٿي ويا  _ تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته نه فقط رزق جي بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ  جي تمام  نعمتن جو خوب خوب  قدر ڪريون  ۽ ڪڏهن به ڪنهن