Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

منهنجي سيراندي تي بيٺل هو۔ ان چيو: ڇا ٻيهر ائين ڪندو؟ مون چيو: نه، هاڻي ڪڏهن به ائين نه ڪندس۔ پوءِ هو پُراَسرار شخص منهنجي نگاهن کان غائب ٿي ويو ۽ ٻيهر ڪڏهن نظر نه آيو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايتن مان هي حقيقت روشن ڏينهن جيان ظاهر ٿي وئي ته مُتَّقي ۽ پرهيزگار هئڻ جي لاءِ مشهوري ۽ اشتهار، وڏا وڏا جُبا ۽ دستار ۽ عقيدتمندن جي ڊگهي قطار هئڻ ضروري ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ جنهن کي چاهي نوازي، الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي اولياء رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی کي ماڻهن ۾ لڪل رکيو آهي تنهنڪري اسان کي هر نيڪ ٻانهي جو احترام ڪرڻ گهرجي اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪير گودڙيءَ جو لعل (يعني لڪل ولي) آهي! شيخِ طريقت،اَمِيرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا ته مان دعوتِ اسلاميءَ جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر تي هئس، اسان جي ريل گاڏي ۾ هڪ سنهي قد بت ۽ بغير ڏاڙهي ۽ بغير ڪشش وارو ڇوڪرو انتهائي سادو لباس پاتل سڀني کان الڳ ڪنهن خيال ۾ گم ويٺو هو. ڪنهن اسٽيشن تي ٽرين بيٺي، رُڳو ٻن منٽن جو وقفو هو، اهو ڇوڪرو پليٽ فارم تي لهي ڪري هڪ بينچ تي ويهي رهيو. اسان سڀني ٽيپهريءَ جي نماز جي جماعت شروع ڪئي، اڃا مس هڪڙي رڪعت ٿي هئي ته سيٽي وڳي ماڻهن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ته گاڏي وڃي رهي آهي، سڀ نماز اڌ ۾ ڇڏي ٽرين ڏانهن وڌيا ته اهو ڇوڪرو بيهي رهيو ان مون کي اشاري سان ڇڙٻ ڏيندي نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو! اسان ٻيهر جماعت قائم ڪئي حيرت انگيز طور تي ٽرين بيٺي رهي. نماز کان فارغ ٿي ڪري اسان جيئن ئي سوار ٿياسين ته ٽرين هلڻ لڳي ۽ اهو ڇوڪرو انهيءَ بينچ تي ويهي لاپرواهيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو، ان مان مون کي اندازو ٿيو ته هو ڪو ”مجذوب“ هوندو جنهن اسان کي نماز پڙهائڻ جي لاءِ پنهنجي روحاني طاقت سان ٽرين کي روڪي رکيو هو. (فيضانِ سُنت ،ص۴۴۰)