Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 413 صَفحن تي مشتمل ڪتاب، ”عُيونُ الحڪايات“ (حصّو ٻيو) صَفحو 18 تي آهي: حضرت سيدُنا ابراهيم آجُرِي ڪبيررَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جن فرمايائون: سياري جا ڏينهن هئا مان مسجِد جي دروازي تي ويٺل هئس ويجھو کان هڪ شخص گُذريو جنهن ٻه گُودڙيون پاتل هيون۔ منهنجي دل ۾ ڳالھ آئي ته شايد هي پينو آهي، ڪيڏو نه سٺو هجي ها جو هي پنهنجي هٿ سان ڪمائي کائي هئا۔ جڏهن مان سُتس ته خواب ۾ ٻه ملائڪ آيا مون کي ٻانهن مان پڪڙي ان مسجد ۾ وٺي ويا۔ اتي هڪ شخص ٻه گُودڙيون پائي سمهي رهيو هو، جڏهن ان جي چهري تان گُودڙي هٽائي وئي ته هي ڏسي مان حيران رهجي ويس ته هي ته اهو ئي شخص آهي جيڪو منهنجي پاسي کان گُذريو هو! ملائڪن مون کي چيو: هن جو گوشت کائو۔ مون چيو: مون ان جي ڪا غيبت ته ناهي ڪئي۔ چيائون: ڇو نه! تو دل ۾ ان جي غيبت ڪئي، ان کي حقير سمجھيو ۽ ان سان ناخوش ٿئين۔ حضرت سَيدُنا ابراهيم آجُرِي ڪبير رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: پوءِ منهنجي اک کلي وئي، خوف سبب مون تي ڏڪڻي طاري هئي، مان مسلسل ٽيھن (30) ڏينهن انهيء مسجد جي دروازي تي ويٺو رهيس، صرف فرض نماز جي لاءِ اتان کان اٿندو هئس۔ مان دُعا ڪندو رهيس ته ٻيهر هو شخص مون کي نظر اچي ته جيئن ان کان مُعافي گھران۔ هڪ مهيني بعد اهو پُراَسرار شخص مون کي نظر آيو، پهريان وانگر ان جي جسم تي ٻه گُدڙيون هيون۔ مان هڪدم ان ڏانهن وڌيس مون کي ڏسي هو تيز تيز هلڻ لڳو، مان به پويان لڳس۔ نيٺ مون ان کي پڪاري چيو: اي الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها! مان اوهان سان ڪجھ ڳالھ ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ان چيائين: اي ابراهيم! ڇا توهان به انهن ماڻهن مان آهيو جيڪي دل ۾ مومنين جي غيبت ڪندا آهن؟ ان جي وات مان پنهنجي باري ۾ غيب جي خبر ٻڌي مان بي هوش ٿي ڪري پيس۔ جڏهن هوش آيو ته هو شخص