Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ڪثرت آهي۔ هن مان مَعلُوم ٿيو ته دُرُود شريف بهترين نيڪي آهي جو تمام نيڪين سان جَنّت ملندي آهي ۽ ان سان بزمِ جَنّت جا گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (ملن ٿا)۔                                                                              (مرآة المناجيح،۲/۱۰۰)

گندے نکمّے کمین مہنگے ہوں کوڑی کے تین

 

کون ہمیں پالتا تم پہ کروروں درود

             (حدائق بخشش،ص270)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي. [1]  

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

                     2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

٭ نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس ٭ ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس
٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔


 

 



...1 (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج ص 185)