Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

عَبدُالـقَادِر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه نَازُڪ بَدن، وچولو قد، ڪشادو سِينو، ڪشَادي ۽ ڊگھي ڏاڙھي ۽ گندمي رنگ جا مالڪ هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جا ڀِرون مليل هئا، آواز مُبارَڪ بُلَند ۽ چهرو نهايت ئي حَسِين هو۔ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه نهايت ئي ذَهين هئا۔                                                      (نزہۃ الخاطرالفاتر ، ص۱۹)

 

ماءُ جي پيٽ ۾ عِلم

          شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي ،عاشقِ اولياء وغوثُ الوريٰ،حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”مُنّي جو لاش“ جي صفحي 4 تي فرمائن ٿا: پنج سالن جي عمر ۾ جڏهن پهريون ڀيرو بِسمِ الله پڙهڻ جي رسم جي لاءِ (حُضُور غوثِ پاڪرَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه) ڪنهن بزرگ وٽ ويٺا ته اَعُوذ ۽ بِسمِ الله پڙهي سورة الفاتحه ۽ الٓمّٓ کان وٺي ارڙهن سيپارا پڙهي ٻُڌائي ڇڏيا. ان بزرگ چيو: پٽ! اڃا پڙهو. فرمايائون: بس مون کي ايترو ئي ياد آهي ڇو ته منهنجي امڙ کي به ايترو ئي ياد هو، جڏهن آءُ پنهنجي امڙ جي پيٽ ۾ هئس ان وقت پاڻ پڙهنديون هيون، سو مون ٻُڌي ياد ڪري ورتو هو. (رسالہ منے کی لاش ص۴ بحوالہ الحقائق فی الحدائق ص۱۴۰)

میرے مرشِد مِری سرکار ہیں غوثِ اعظم
میرے رہبر مرے غمخوار ہیں غوثِ اعظم

ہو کرم! حُسنِ عمل آہ! نہیں ہے کوئی
نہ وظائف ہیں نہ اَذکار ہیں غوثِ اعظم

حشر کے روز ہماری بھی شَفاعت کرنا
آہ! ہم سخت گنہگار ہیں غوثِ اعظم

ابتدائي تعليم