Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

۽ تَجليات جو ظُهور شُروع ٿي ويو۔

وِلادَتِ با سَعادَت ۽ حَيرت اَنگيز  واقعا

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي وِلادَتِ باسَعادَت جي وَقت ڪئي حَيرت اَنگيز واقعا ڏسڻ ۾ آيا، سڀ کان وڏي ڳالھ ته هي آهي جو جڏهن پاڻ رَونق اَفروز ٿيا، ان وَقت سندن جي والده ماجِده حضرت اُمُّ الْخَير فاطِمه رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيها جي عُمر سٺ (60) سالن جي هئي، جڏهن ته هن عُمر ۾ عام طور تي عورتن کي اَولاد کان نااُميدي ٿي ويندي آهي۔ (بھجۃ الاسرار،ص ۱۷۳، مُقدمہ غنیۃ الطالبین،ص ۱۰ بتغیر قلیل) اهو الله تعاليٰ جو خاص فَضل هو جو هن عُمر ۾ حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه پنهنجي ماءُ جي بَطَنِ مُبارَڪ مان پيدا ٿيا_ جنهن رات حُضُور غوثِ اعظم دَستگير،پيرانِ پير رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي وِلادَت ٿي، ان رات جِيلان شريف جي جنهن عورتن کي ٻار پيدا ٿيو انهن سڀني کي الله ڪريم جَلَّ جَلَالُه  پٽ ئي عطا فرمايا ۽ هر نئون پيدا ٿيڻ وارو ڇوڪرو الله عَزَّ وَجَلَّ  جو وَلي بڻيو۔ (تفریح الخاطر،ص۵۷،مفہوماً)

دُودھ ماں کا نہ پِیا آپ نے رَمضانوں میں

آپ بچپن سے سمجھدار ہیں غوثِ اعظم

حَشْر تک گائیں گے ہم گیت تمہارے مُرشِد

ہم تمہارے جو نمک خوار ہیں غوثِ اعظم

 

سُلطانِ ولايت

غوثِ پاڪ

درياءِ ڪرامت

غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت

حڪومت غوثِ پاڪ

  فرماؤحمايت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

غوثِ اعظم جو حُليو

 حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جو حُليو بيان ڪندي اَبُو عَبدُالله بن اَحمد بن قُدَامَه رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا: شَيخُ الاسلَام، سُلطَانُ الاولِياء، مُـحي الدِّين، سَيد