Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

مُبارَڪه جا چاليھ (40) تفسيري قول بيان ڪيا ۽ هر هر قول جي قائل جو نالو به ٻڌايو، پر يارهن (11) تفسيرن کان بعد هر تفسير جي باري ۾ منهنجي پڇڻ تي علامه ابنِ جوزي نه ۾ مٿو لوڏيندي چوندا رهيا ته اهو تفسير منهنجي عِلم ۾ ناهي۔ (اخبارالاخیار ،ص۱ ۱،بہجۃ الاسرار،ذکر علمہ …الخ،ص ۲۲۴،ذبدۃ الاثار،ص ۵۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هن واقعي مان حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي علمي مقام ۽ مرتبي جي بلندي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ هڪ ئي وقت ۾ هڪ آيتِ مُبارَڪه بابت چاليھ (40) تفسير بيان ڪيا، جنهن مان اوڻٽيھ (29) تفسير علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي علم ۾ به نه هئا، جڏهن ته علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه وقت جا نهايت وڏا عالِم ۽ امام هئا، علّامه ابن جوزي عِلمِ قرآن، عِلمِ حديث، عِلمِ فِقه، جُغرافِيه، عِلمِ طِب، تاريخ، تفسير، عِلمِ نُجُوم، حساب، لُغَت ۽ نحو وغيره جي علاوه ٻين ڪيئي عُلوم ۽ فُنُون ۾ به ساراھ لائق ڪتاب لکيا، پاڻ ....... جي تصنيفن جو تعداد ٽي سو (300) کان وڌيڪ ٻڌايو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪيئي ته مُجلَّد (يعني ڪيئي ڪيئي جلدن تي مشتمل) آهن ۽ ڪجھ رسالا به شامل آهن۔ (مُقدمہ عیونُ الحکایات، حصہ ۱، ص۱۶ملتقطا و ملخصاً)

امام ابنِ قُدامه حنبلي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا: امام ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه پنهنجي زماني ۾ وعظ ۽ خطابت جا اِمام هئا، مختلف عُلوم ۽ فُنُون ۾ بهترين ڪتاب تصنيف ڪيا، تدريس به ڪندا هئا ۽ پاڻ ...... حافظُ الحديث به هئا۔ (حافظُ الحديث ڪنهن کي چون ٿا، اچو، ٻڌو! هڪ لک (100،000) حديث سڳوريون سَنَد سان ياد ڪرڻ وارو حافظُ الحديث هوندو آهي) (مُقدمہ آنسوؤں کا دریا،ص۱۵) پر وقت جا ايترا وڏا امام هئڻ باوجود علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي، حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي بيان ڪيل چاليھ (40) تفسيري قولن مان صرف يارهن (11)