Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

فلمن جو شوقين

اَورَنگي ٽاؤن (بابُ المدينه، ڪراچي) ۾ مقيم اسلامي ڀاءُ جي مڪتوب جو خُلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان نيڪين کان گھڻو پري، گناهن جي وادِين ۾ قيد هئس، منهنجي نيڪين کان حد درجي غفلت ۽ فلمن ڊرامن کان جُنُون جي حد تائين مَحَبَّت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته گھران مون کي جيڪو ماهوار هڪ هزار روپيا جيب خَرچ ملندو هو، ان مان نِت نئيون فلمون ۽ ڊرامن جي V.C.Ds خريد ڪندو هئس، ايستائين جو مون وٽ ٻه هزار(2000) کان وڌيڪ VCDs گڏ ٿي چڪيون هيون! هڪ ڏينهن هڪ عاشقِ رسول سبزسبزعمامي شريف جو تاج سجائي مون وٽ آيو ۽ اِنفِرادي ڪوشِش ڪندي مون کي فڪرِ آخِرت جي باري ۾ ڪجھ ان طرح نيڪي جي دعوت ڏني ته خوفِ خدا منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو، ان عاشقِ رسول جي اِنفِرادي ڪوشش جي بَرَڪت سان مان دعوتِ اسلامي جي ’’هفتيوار سنتن ڀري اجتماع‘‘ ۾ حاضِر ٿي ويس۔ اتي ٿيڻ واري سنّتن ڀري بيان منهنجي گناهگار دل کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ گھري ويندڙ رِقّت انگيز دُعا جو دل تي اهڙو اثر ٿيو جو گھر اچي مون فلمن جون تمام V.C.Ds ٽوڙي ڇڏيون مون دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي سنّتن ڀري بيانات جون ڪيسٽون گھر اڻي پاڻ به ٻڌون ۽ گھر وارن کي به ٻڌڻ جي لاءِ ڏيو ته انهن جي برڪتن سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جو سڄو گھراڻو مَدَني ماحول سان وابسته ٿي قادِري رضوي سلسلي ۾ داخِل ٿي ويس۔

بُری صحبتوں  سے  کنارہ  کشی کر

کے اچھوں کے پاس آ کے  پامدنی  ماحول

تمہیں لطف آجائے گا  زندگی کا

قریب  آکے دیکھو  ذرا   مدنی  ماحول