Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

دارُالمدينه ۽ درسِ نظامي (عالم ڪورس) ڪرڻ جي خواهشمنداسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ جامعاتُ المدينه قائم آهن۔ ان جي علاوه مختلف شعبن سان تعلُّق رکندڙ اسلامي ڀائرن جي مدني تربيت ۽ انهن ۾ وڌيڪ قابليت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڪورسز به ڪرايا ويندا آهن۔ انهن ۾ 12 ڏينهن جو اِصلاحِ اعمال ڪورس،41 ڏينهن جو "12مدني ڪم ڪورس" ۽ "63 ڏينهن جو مدني تربيتي ڪورس" ته نهايت ئي اَهميت جي لائق آهن۔ فرض عُلوم سيکائڻ جي لاءِ وقت بوقت 12 ڏينهن جي فرض عُلوم ڪورس جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ مفتيانِ ڪرام جدول جي مطابق اسلامي ڀائرن کي نهايت آسان انداز سان فرض عُلوم تي مشتمل مدني گلن سان نوازيندا آهن۔ جيئن ته هاڻي تقريباً هر موبائل فون ۾ ميموري ڪارڊ (Memory Card) لڳائڻ جي سهولت هوندي آهي، تنهنڪري دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه عِلم جي طالبن جي آساني جي لاءِ هنن فرض عُلوم ڪورسز جي ويڊيوز (Videos) کي ميموري ڪارڊز (Memory Cards) ۾ شائع ڪيو آهي ته جيئن مسلمان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگھن، دعوتِ اسلامي جي تحت هنن ڪورسز ۾ جتي عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪيو ويندو آهي، اتي گھڻي حد تائين فرض عُلُوم جي معلومات به ٿي ويندي آهي۔علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ عمل جو جذبو ماڻڻ جو هڪ بهترين ذريعو هر مهيني عاشقانِ رسول سان گڏ گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ۽ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي ۔

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا رهو، اچو ترغيب جي لاءِ هفتيواراجتماع ۾ شرڪت ڪري دُنيا ۽ آخرت جون برڪتون ماڻڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا۔