Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

پوءِ مٿي اگھاڙي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي منبرِاقدس وٽ حاضر ٿيا۔ پاڻ ..................واري واري سان هر هڪ کي سيني سان لڳايو ۽ فرمايائون ته توهان جو سوال هي هو ۽ ان جو جواب هي آهي، ائين هڪ هڪ ڪري سڀني جا مسئلا ۽ انهن جا جواب ارشاد فرمايا۔ جڏهن مجلسِ مبارڪ ختم ٿي ته مان انهن فقهاء وٽ ويس ۽ انهن کان پڇيو ته هي ڇا ماجرو آهي؟ ته انهن (غوث کي آزمائڻ جو وبال بيان ڪندي ٻڌايو ته ) جڏهن اسان اتي اچي ويٺاسين ته هڪدم سڀ ڪجھ ائين ڀلجي وياسين جيئن اسان کي ڪجھ نٿو اچي ، پر جڏهن غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه اسان کي پنهنجي مُبارڪ سيني سان لڳايو ته اسان مان هر هڪ جو علم واپس آيو ۽ ان کان به وڌيڪ حيرت انگيز ڳالھ هي آهي ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه اسان جي سوالن جا اهي جواب ارشاد فرمايا جيڪي پهريان اسان جي علم ۾ نه هئا۔

(قلائدُ الجواهر،ص ۳۳۔بهجۃ الاسرار ذڪر وعظه ،ص۹۶)

 

 

جو حق چاہے وہ یہ چاہیں جو یہ چاہیں وہ حق چاہے

 

تومٹ سکتاہے پھر کس طرح  چاہا غوثِ اعظم کا

فقیہوں کے دلوں سے دھودیا ان کے سوالوں کو

 

دِلوں پر ہے بنی آدم کے قبضہ غوثِ اعظم کا

(قبالۂ بخشش ،ص۵۴)

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه پنهنجي سڄي زندگي عِلمِ دِين جي ترويج ۽ اشاعت ۾ گذاري۔ اسان کي به سندن سيرت تي هلندي عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄوڪي دور ۾ دعوتِ اسلامي اسان جي آساني جي لاءِعلمِ دين سيکڻ جا گھڻا ذريعا مهيا ڪيا آهن۔ مدني مُنّن ۽ مدني مُنّين جي بهتر تعليم ۽تربيت جي لاءِ مدارسُ المدينه،