Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

(قلائد الجواہر ص۱۸ ملخصاً) حُضُور غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي مجلس ۾ (400) افراد قلم دوات کڻي حاضر ٿيندا هئا ۽ اوهان جي ارشادات کي لکي محفوظ ڪندا هئا۔ (قلائد الجواہر ص۱۸ملخصا) حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي اُمّت جي اصلاح جي جذبي کي بيان ڪندي سندن جا شهزادا حضرت سيّدُنا شيخ عبدالوهاب رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته پاڻ چاليھ (40) سال بيان فرمايو، شيخ عمر ڪيماني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته اوهان جو ڪو بيان اهڙو نه هو جنهن ۾ ماڻهو اسلام قبول نه ڪندا هجن ۽ چور، ڌاڙيل، فاسق، فاجر غوثِ پاڪ  جي هٿ تي توبه نه ڪندا هجن۔  (قلائد الجواہر ص۱۸)

مُحَرِّر چار سو(400)مجلس میں حاضرہوکےلکھتےتھے
ہوا کرتا تھا جو اِرشادِ والاغوثِ اعظم کا

100 فقهاء جا سوال ۽ جواب

حضرت مُفرَّج بن نَبهان شَيباني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته جڏهن حضرت سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه مشهور ٿي ويا ته بغداد جي ذهين ترين سو (100) فقهاء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام هن ڳالھ تي متفق ٿيا ته هر هڪ مختلف علوم ۽ فنون جي باري ۾ جدا جدا سوال بڻائي ته جيئن انهن سوالن جي ذريعي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي لاجواب ڪري سگھون۔ اهو منصوبو بڻائي سڀئي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي درٻار ۾ حاضر ٿيا، حضرت سَيّدُناشيخ مُفرَّج رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته مان به ان وقت حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي بارگاھ ۾ حاضر هئس، جڏهن اهي فقهاء ڪرام اچي ويهي رهيا ته پيرانِ پير،روشن ضميرحضرت سيدنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه مٿو مبارڪ جھڪائي ورتو، ان وقت پاڻ .......... جي مُبارڪ سيني مان هڪ اهڙو نُور نڪتو، جنهن کي هر ان شخص ڏٺو جنهن کي الله عَزَّوَجَلَّ ڏيکارڻ چاهيو، اهو نُور گذرندو جڏهن هر هڪ فقيه جي سِيني تائين پهتو ته سڀئي حيرت زده ٿي تڙپڻ لڳا،