Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

غوثِ اعظم جون تصنيفون

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  حُضُورغوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه دين اسلام جي خدمت ۽ امتِ مُسلمه جي رهنمائي جي لاءِ ڪيئي ڪتاب تصنيف ڪيا، علامه علاؤالدين بغدادي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيهپنهنجي رسالي تذڪره قادريه ۾ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي 7 ڪتابن جا نالا تحرير ڪرڻ کان بعد فرمائن ٿا ته معتبر روايتن مان معلوم ٿيو ته سندن تصنيف ڪيل ڪتابن جو تعداد (69) آهي۔

 (سیرت غوث اعظم ،ص ۶۱ملتقطاً)

غوث پاڪ  رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جو وعظ ۽ نيڪي جي دعوت

      حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه ظاهري ۽ باطني علوم کي ڦهلائڻ جي لاءِ درس ۽  تدريس ۽ تصنيف ۽ تاليف سان گڏوگڏ وعظ ونيڪي جي دعوت  جي ذريعي به دِين اسلام جي بي شمار خدمات سرانجام ڏني ۽ اوهان جي بيان جو انداز اهڙو پيارو هو جو ماڻهو ٽولن جا ٽولا پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي طرف متوجه ٿيندا ويا ۽ جيڪي ماڻهو اوهان جي اِجتماع ۾ ايندا هئا، اهي وچ ۾ اٿي نه ويندا هئا بلڪ جيستائين بيان جاري رهندو هو، ان وقت تائين خاموشي سان ٻڌندا رهند هئا، ڇوته سندن بيان نهايت اثرائتا هوندا هئا سندن جڏهن بيان جون محفلون شروع ڪيون ته شُرڪاء جي گھڻائي جي ڪري مدرسي جي جڳھ گھٽ ٿي وئي، ماڻهن آس پاس جون عمارتون خريد ڪري وقف ڪيون، بغدادجي علاوه به پري کان ماڻهو اوهان جو وعظ ٻڌڻ جي لاءِ اچڻ لڳا۔ (بہجۃ الاسرار،ذکر علمہ و تسمیۃ الخ، ص۲۰۲-۲۰۳،ملتقطا) سندن هفتي ۾ 3 ڏينهن بيان ڪندا هئا، جنهن ۾ بيشمار ماڻهو ۽ علماء ۽ صلحاء حضرات ايندا هئا، پاڻ جي وعظ و نيڪي جي دعوت کي ٻڌڻ جي لاءِ اچڻ وارن جي تعداد جي باري ۾ منقول آهي ته عام طور ستّر هزار (70،000) کان وڌيڪ ماڻهو سندن بيان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جنهن ۾ عراق جا علماء ۽ فقهاء، مشائخ ۽ صُوفياء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام به هوندا هئا۔