Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

شروع ڪيو۔ ان جامعةُ المدينه کي قائم ٿيندي گھڻو عرصو نه گذريو هو جو اها عمارت علم جي طلبگار اسلامي ڀائرن جي ڪثرت جي ڪري ناڪافي ٿي وئي۔ پوءِ ان جامعةُ المدينه کي 1998ء ۾ گلستانِ جوهر جامع مسجد فيضانِ عثمانِ غني جي پاسي ۾ وسيع عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، انهيء دوران سبز مارڪيٽ (شُومارڪيٽ) بابُ المدينه ڪراچي ۾ به شام جي اوقات ۾ جامعةُ المدينه جو آغاز ٿي چڪو هو۔

 شيخ طريقت، امير اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ مُبَلِّغِينِ دعوتِ اسلامي جي طرفان عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ترغيب جي نتيجي ۾ جتي لکين عاشقانِ رسول ۽ عاشقانِ غوثِ اعظم، راھ خدا عزّوجلّ ۾ سفر ڪرڻ وارا دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلن جا مسافر بڻيا، اتي ڪيئي عاشقانِ رسول ۽ عاشقانِ غوثِ اعظم مَدَني قافلن ۾ سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ باقاعده عِلمِ دين جي حصول جي لاءِ جامعةُ المدينه جو به رُخ ڪيو۔ ائين سڄي دُنيا ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ جامعةُ المدينه جون وڌيڪ شاخون کلنديون يون ، هي بيان ڪرڻ  وقت صرف پاڪستان ۾ 437 جامعاتُ المدينه للبنين وللبنات قائم آهن، جنهن ۾ 27819 شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي (عالم ڪورس) جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سوين اسلامي ڀاء ۽ اسلامي ڀينرون علم جي موتين سان پنهنجو جھوليون ڀري سندِ فراغت به حاصل ڪري چڪا آهن۔ اوهان به پنهنجو نالو خُوش نصيبن ۾ داخل ڪرايو ۽ پنهنجن ٻارن کي جامعةُالمدينه ۾ داخل ڪرايو، پنهنجن ڀائرن، دوستن، عزيزن ۽ ٻين رشتيدارن تي انفرادي ڪوشش ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کي جامعةُ المدينه ۾ داخل ڪرائڻ جو ذهن ڏيو۔ ان مان جتي هر پاسي علم جي روشني ڦهلجندي ۽ جهالت جي اونداهي ختم ٿيندي، اتي اوهان جي لاءِ صدقه جاريه جو سلسلو به ٿي ويندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد