Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَبِيعُ الاخر جو مهينو جاري آهي۔ هي هو مبارڪ مهينو آهي ته جنهن جي 11 تاريخ، قُطبِ ربّاني، غوثِ صَمداني، قِنديلِ نُوراني، شهبازِ لامڪاني حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، جنهن جو عاشقانِ غوث وڏي يارهين شريف به چون ٿا، انهيء مُناسَبت سان اسان اڄ سَر زمينِ بَغدَاد تي پنهنجي مَزارِ پُراَنوَار ۾ آرام فرما، ان مُقَدَّس هستِي جو ذِڪرِ خَير، بالخُصُوص سندن علمي مقام ٻڌنداسين، جنهن کي دُنيا غَوثِ اَعظَم جي لقب سان سڃاڻي ٿي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان کي ولايت جو اهو عظيم تاج عطا فرمايو جو اوهان سڀني ولين جا سردار مڃيا ويا۔ اچو سڀ کان پهريان حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي عِلمي شان و شوڪت جي باري ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا،

عِلم جو سمنڊ

      حضرت سَيدُنا حافظ ابُو العَبَّاس احمد رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته مان علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه سان گڏ هڪ دفعي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي اجتماعِ غوثيه ۾ حاضر ٿيس، هڪ قاري قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، تلاوت کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه وعظ جي شروعات ڪئي ۽ تلاوت ڪيل آياتِ مُبارَڪه مان هڪ آيت جي تفسير بيان ڪندي آيت جي هڪ معني بيان فرمائي، مون عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کان پڇا ڪئي، ڇا اوهان کي هن تفسير جو علم هو؟ انهن جواب ڏنو، ها! مون کي اهو تفسيري قول معلوم هو، ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه هڪ هڪ ڪري يارهن (11) تفسيري قول بيان ڪيا، منهنجي پڇڻ تي هر ڀيري علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائيندا رهيا ته اهي تفسيري قول به مون کي معلوم هئا، حافظ ابو العباس رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه ان هڪ آيتِ