Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

قُوّت سان اَسّي (80) گز ڊگھو ۽ چاليھ گز ويڪرو جواهرات سان سينگاريل تخت نهايت گھٽ وقت ۾ ملڪ يمن مان حضرت سليمان عَلَيه السَّلَام جي درٻار ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔ صدرُالشَّريعه مُفتي امجدعلي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اولياءِ ڪرام کي الله عَزَّوَجَلَّ تمام وڏي طاقت ڏني آهي، انهن مان جيڪي (اولياء ڪرام جو قِسم) اصحابِ خدمت آهن، انهن کي تصرّف جو اختيار ڏنو ويو آهي، اڇي، ڪاري جو مختار بڻايا ويندا آهن، هي حضرات نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجا سچا نائب آهن، انهن کي اِختيارات ۽ تَصَرُّفات حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي نِيابت ۾ ملندا آهن غيبي عُلوم انهن تي ظاهر ٿيندا آهن۔ (بهارشريعت ،۱/۲۶۷) الله
عَزَّوَجَلَّ جي محبوب ٻانهن تي انهن جو خُصُوصي ڪرم ٿيندو آهي انهن جي ڪمن ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جي طرفان مدد شامل ٿي ويندي آهي۔

اولياء ڪرام جي تَصرُّف ۽ اختيار جي باري ۾ حديثِ پاڪ ٻڌو، جيئن ته سيدُ المبلغين، رَحمَةٌ لّلْعٰلمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي ته الله
عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: ڪنهن ٻانهي منهنجي فرض ڪيل اَحڪامن جي بجا آوري کان وڌيڪ مَحبوب شيء سان منهنجو قُرب حاصل ناهي ڪيو ۽ منهنجو ٻانهو نفل جي ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهي ٿو ايستائين جو مان ان سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳان ٿو، جڏهن مان ان سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳندو آهيان ته مان ان جا ڪن بڻجي ويندو آهيان جنهن ذريعي هو ٻڌندو آهي، ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان جنهن سان اهو ڏسندو آهي، ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو پڪڙيندو آهي ۽ ان جا پير بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو هلندو آهي، جيڪڏهن هو مون کان سوال ڪري ته مان ان کي ضَرور عطا ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيء کان منهنجي پناھ چاهي ته مان ان کي ضرور پناھ عطا ڪندو آهيان۔ ( بخاري،ڪتاب الرقاق،باب التواضع،۴/۲۴۸،حديث:۶۵۰۲)