Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

ان ۾ تاثير ڪٿان کان اچي؟ اسان دعا ته گهرندا ئي آهيون پر جڏهن مشڪل ايندي آهي ته بزرگن وٽ حاضر ٿي ڪري به دعا جي درخواست ڪندا آهيون، ڇو؟ ان لاءِ ته هر هڪ جو ذهن اهو ئي بڻيل آهي ته پاڪ زبان مان نڪتل دعا وڌيڪ فائديمند هوندي آهي۔ (فيضانِ بسم الله ،ص ۱۶۱) انهيءَ لاءِ اسان کي گھرجي ته بزرگن جي سيرت تي عمل ڪندي انهن جھڙا نيڪ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، بدنگاهي کان بچڻ جي لاءِ اکين جو قُفلِ مدينه لڳايون ۽ زبان کي فُضُول ۽ بيهوده گفتگو، ڪوڙ، غيبت، چُغلي ۽ ٻين آفتن کان بچائڻ جي لاءِ زبان جو قُفلِ مدينه لڳايون۔ ان جي عادت بنائڻ ۽ ان تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ سَفر کي پنهنجو مَعمُول بڻائي وٺو ۽ مدني انعامات جو رسالو ڀري هر مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذميدار کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت جون کوڙ ساريون ڀلائيون ملنديون۔ نيت کي ظاهر ڪندي زور سان نعري جو جواب ڏيو ته،

اڄ کان پنهنجي اکين کي حرام کان بچائينداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔ڪوڙ، غيبت چغلي ۽ بيهوده ڳالهين کان زبان جي حفاظت ڪنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ مدني انعامات تي عمل ڪنداسين،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔سڄي دنيا جي ماڻهن جين اصلاح جي ڪوشش  لاءِ مدني قافلن ۾ سفر به ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔ الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي پنهنجي نيتن تي ثابت قدم رهندي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

عمل کا ہو جذبہ عطا یا الٰہی                     گناہوں سے مجھ کو بچا یا الٰہی

میں نیچی نگاہیں رکھوں کاش! اکثر              عطا کر دے شرم و حیا یا الٰہی

صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ جي اجازت جي بِغير ڪو هڪ ذرّو به نٿو