Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

افسوس صد افسوس! اڄڪلھ مسلمان پنهنجي اَنجام کان بي خوف ٿي ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ، ڌمڪيون ڏئي ماڻهن وٽان رقم جو مُطالبو ڪرڻ، انهن جي مال ۽ جائداد تي قبضو ڪرڻ، چوري، ڌاڙو دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جهڙن گناهن ۾ مبتلا ٿي خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي طرح مسلمانن جي حقن کي پامال ڪري رهيا آهن۔ ياد رکو! ظلم جو انجام نهايت ئي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آهي، ظالم شَخص آخرت ۾ ته عذاب جو شڪار ٿيندو ئي آهي پر اڪثر ڏٺو ويو آهي اهڙو شخص دنيا ۾ به ڪيئي دردناڪ حالتن جو شڪار ٿيندو آهي۔ حضرتِ ابوموسيٰ اشعري رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي، سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: بيشڪ الله عَزَّ وَجَلَّ ظالم کي مهلت ڏيندو آهي ايستائين جو جڏهن ان کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺندو آهي ته پوءِ ان کي ناهي ڇڏيندو۔ هي فرمائي سرڪارِ نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سيپاري 12 سوره هود جي آيت 102 تلاوت فرمائي:

وَ کَذٰلِکَ اَخۡذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الۡقُرٰی وَ ہِیَ  ظَالِمَۃٌ ؕ اِنَّ  اَخۡذَہٗۤ  اَلِیۡمٌ شَدِیۡدٌ ﴿۱۰۲﴾

 

ترجمو ڪنزُالايمان: ۽ اِهڙِي ئِي طرح پڪڙ آهي تُنهنجي رب جِي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙي ٿو اُنهن جي ظلم تي، بيشڪ اُن جِي پڪڙ سخت دردناڪ آهي.

          (صحيح بخاري، ۳/۲۴۷، حديث:۴۶۸۶)

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي مسلمانن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ ۽ انهن تي ڪنهن به طرح سان ظلم ۽زيادتي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صلَّي الله تَعالٰي علٰي مُحَمَّد