Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

نه قرآن بلڪ شراب نوشي، بدڪاري، جُوا بازي جو شوقين هئس ايستائين جو پنهنجون زمينون وڪڻي وڪڻي جوا کيڏندو هئس۔ زال ۽ ٻارن کي به تنگ ڪندو هئس۔ منهنجي ڪردار جي ڪري منهنجا گھر وارا به سخت پريشان هئا۔ هو اڪثر مون کي بُرائين کان روڪيندا هئا پر مان نه مڃنيدو هئس۔ هڪ ڀيري مون پنهنجي اوطاق تي نيوائير نائٽ ملهائڻ جو پروگرام بڻايو، شراب نوشي ۽ بدڪاري جا سمورا لوازمات گڏ ڪيا،31 ڊسمبر جي رات منهنجا يار بداطوار سڀئي منهنجي اوطاق تي گڏ ٿيا۔ تقريباً 10 بجي آئون گھر آيس ته 12بجي تائين موٽي ايندس۔ گھر پهچي مون ٽي وي کوليو ۽ چينل بدلي ڪندي مدني چينل منهنجي اڳيان اچي ويو جنهن تي هڪ بُزرگ (يعني اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه) نيو ائير نائٽ ملهائڻ وارن کي سمجھائي رهيا هئا، انداز اهڙو پيارو ۽ دلچسپ هو جو مون اهو بيان ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو، ان بيان مان مون کي وڏي معلومات ملي ۽ عبرت ٿي ته اسان ڇا ڪرڻ وڃي رهيا هئاسين، آئون خوفِ خدا کان روئڻ لڳس ۽ نيٺ مون نيوائير نائٽ ۾ خرافات ڪرڻ ۽ ٻين گناهن کان توبه ڪري ورتي ۔ ٻي پاسي منهنجا دوست منهنجي انتظار ۾ هئا، جڏهن آئون نه پهتس ته اهي مون کي فون ڪرڻ لڳا پر مون پنهنجو موبائل بند ڪري ڇڏيو ۽ سمهي رهيس۔ بَدلِيَل صُبح سان منهنجي نئي زندگي جو آغاز ٿيو، مون برائيون ۽ بُري صحبت ڇڏي ڏني، پنهنجو موبائل نمبر به تبديل ڪري ورتو ته جيئن بُرن دوستن کان نجات ملي، قادري عطاري سلسلي ۾ بيعت ٿي شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو مُريد به بڻجي ويس۔ پهريان ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر ڪيو پوءِ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام ٿيڻ واري 30 ڏينهن جو اجتماعي اعتڪاف به ڪيو۔ ڏاڙھي وڌائي ورتي، مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙھڻ شروع ڪري