Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

تحريڪ هي عزم رکي ٿي ته ڪنهن به طرح امّت جو ٻچو ٻچو نمازي بڻجي وڃي، مسجدن جي رونق موٽي اچي۔ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه مسجدون آباد رکڻ جي لاءِ هڪ مدني انعام هي به عطا فرمايو آهي ته ”ڇا اڄ اوهان پنج ئي نمازون مسجِد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِ اُوليٰ سان باجماعَت ادا ڪيون؟ ۽ هر دفعي ڪنهن هڪ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جي ڪوشش فرمائي؟“

مجلس خدام المساجد

شيخِ طريقت، امير اَهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه الله عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت ۽ مسجدن کان ايتري قدر مَحَبَّت فرمائيندا آهن جو پاڻ دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه الله عَزَّوَجَلَّ جي گھرن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ مَجْلِس خُدَّامُ المَسَاجِد بڻائي جنهن جو ڪم شيخ طريقت، امير اَهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي هن خواب جي تڪميل آهي ته ”اي ڪاش! اسان جون مسجدون آباد ٿين، انهن جون رونقون موٽي اچن ۽ خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ نفس ۽ شيطان جي ڪري جيڪا دُوري پيدا ٿي چڪي آهي اها قُرْب ۾ بدلجي وڃي۔ مجلس ’’خُدَّامُ الْمَسَاجِد‘‘ پُراڻين مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ نئين مَسجدن جي تعمير جي لاءِ به هر وَقت ڪوشش ڪندي رهندي آهي اهو ئي سبب آهي جو نه صر ف پاڪستان بلڪ سڄي دُنيا ۾ مَسجدن جي تعمير ۽ انهن کي آباد ڪرڻ جو سلسلو هر وَقت جاري رهندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول مسجدون آباد ڪرڻ، ماڻهن کي نمازي بنائڻ، گناهن کان بچائڻ ۽ صلوٰة ۽ سُنَّت جي راھ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان مدني ماحول جي برڪت سان ڪهڙا ڪهڙا بگڙيل انسان سُڌري ويا ان جي هڪ جھلڪ ان مدني بهار ۾ مُلاحَظه ڪيو،

نيوائيرنائٽ ملهائن کان پاسو ڪيو

          گوجرانواله (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي ته منهنجو تَعلّق هڪ خوشحال گھراڻي مان هو، نه نماز پڙھندو هئس