Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

اسان جي اڳيان واضح طور تي موجود آهي، پاڻ دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ولايت ڀري نگاھ ۽ حڪمتن ڀري مَدَني تَربيت سڄي دُنيا ۾ لکين مُسلمانن بالخُصوص نوجوانن جي زِندگين ۾ مَدَني انقِلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪيترا ئي بي نمازي سندن نگاھ فيض سان نمازي بڻجي ويا۔ ماءُ پيءُ سان نازيبا رويو اِختيار ڪرڻ وارا بااَدب بڻجي ويا، ڳائڻ وڄائڻ وارا مَدني مُذاڪري ۽ سُنَّتن ڀريا بيان ٻڌڻ وارا بڻجي ويا، فلمي گيت ڳائڻ وارا نعتِ مُصطفٰي پڙھڻ وارا بڻجي ويا، مال جي مَحَبَّت ۾ جيئڻ مرڻ وارن کي فڪرِ آخرت جي مَدَني سوچ نصيب ٿي وئي، تَفريحي هنڌن تي وڃي پنهنجو وَقت برباد ڪرڻ وارا سُنَّتن ڀري اجتماعن ۾ اَوَّل تا آخر شِرڪت ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔ تنهنڪري اوهان به شيخ طريقت، اميرِاَهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو فيض حاصل ڪرڻ، پنهنجي حياتي جي مَقصد کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔

تیرا شکر مولا دیا مدنی ماحول

نہ چھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

سلامت رہے یاخدا مدنی ماحول

بچے بد نظر سے سدا مدنی ماحول

خدا کے کرم سے خدا کی عطا سے

نہ دشمن سکے گا چھڑا مدنی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے

نہ چھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                           صلَّي الله تعالٰي علٰي مُحَمَّد