Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

اِمام رازي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ۽ شيطان

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن بزرگن جي سيرت تي هلندي زندگي گذارڻ نه صرف دنيا ۽ آخرت ۾ کوڙ ڀلائيون ماڻڻ جو سبب آهي بلڪ هنن نيڪ هستين سان نسبت اسان جي آخري وقت ۾ به ڪم ايندي آهي۔ جيئن ته شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”وَسوسا ۽ اُن جو علاج“ ۾ نقل ڪن ٿا ته امام فخرالدّين رازي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي نزع جو وقت جڏهن ويجھو آيو ته شيطان وٽس آيو، ان وقت شيطان پوري ڪوشش ڪندو آهي ته ڪيئن به هن شخص جو ايمان سلب ٿي وڃي (ان جو ايمان ڇنجي وڃي)، جيڪڏهن ان وقت اهو ٻانهو ايمان تان ڦري ويو ته پوءِ ڪڏهن به نه موٽندو، شيطان ان کان پڇا ڪئي توهان سموري عمر مناظرن، مباحثن ۾ گذاري آ، ڇا خدا عَزَّ وَجَلَّ کي به سڃاتو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايو: بيشڪ خدا عَزَّ وَجَلَّ هڪ آهي ان (يعني شيطان) چيو: ان تي ڪهڙو دليل آهي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هڪ دليل ڏنو، شيطان خبيث مُعَلِّمُ المَلَڪُوت (يعني ملائڪن جو استاد) رهي چڪو هو، ان اهو دليل ٽوڙي ڇڏيو، انهن ٻيو دليل ڏنو، ان اهو دليل به ٽوڙي ڇڏيو، ايستائين جو ٽي سؤ سٺ (360) دليل امام صاحب قائم ڪيا، ان اهي سڀ دليل (پنهنجي زُعمِ فاسد ۾) رد ڪيا، هاڻي امام صاحب سخت پريشاني ۾ ۽ نهايت مايوس هئا، سندن پير حضرت سيدنا شيخ نجم الدين ڪُبريٰ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪنهن ٻي پري جاءِ تي وضو فرمائي رهيا هئا، اتان امام رازي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي آواز ڏنو:” ائين ڇونه ٿا چئو ته مان خدا عَزَّ وَجَلَّ کي بنا دليل جي هڪ مڃان ٿو“   

                                              (ملفوظات ،حصه چهارم ،ص۴۹۳)

بوقتِ نزع آقا ہو نہ جاؤں میں کہیں برباد

مرا ایمان رکھ لینا سلامت یا رسول اللہ