Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي * جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ۽ دورانِ گفتگو ٽهڪ لڳائڻ کان بچو ڇوته ٽهڪ لڳائڻ سنت مان ثابت ناهي، ڳالھ ڪرڻ وقت هميشه ياد رکو ته وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي۔ * ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“

 (ڪتابُ الصَّمْت مع موسوعۃالامام ابن ابي الدنيا، ج۷ص۲۰۴ رقم ۳۲۵ المڪتبۃ العصريۃ بيروت)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

عاشقانِ رسول، آئیں سنت کے پھول

دینے لینے چلیں، قافلے میں چلو