Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

حوالي سان مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔

*    جشنِ وِلادت ملهائڻ جي بَرَڪت سان خوش نصيب، ابراهيم نالي شخص جي نوجوان پٽ کي خواب ۾ جنّت جي اندر پنهنجي مرحوم پيءُ جو قُرب نصيب ٿيندو۔

*    شبِ وِلادت، شبِ قدر کان به افضل آهي۔

*    حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جي شڪريي جي لاءِ ذڪرِ ميلاد ڪرڻ، حلقو بڻائي ويهڻ سُنَّتِ صحابه آهي۔

*    جشنِ مِيلاد مُصطفي جون خوشيون ملهائڻ واري سان سرڪارِ دو عالَم، نورِ مجسم، شاھ آدم وبني آدم، رسولِ مُحتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمخوش ٿيندا آهن۔

*    جشنِ مِيلاد مُصطفي ملهائڻ جي بَرَڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خوشنودي نصيب ٿيندي آهي۔

*    جشنِ مِيلاد مُصطفي ملهائڻ جي بَرَڪت سان گھر ۾ رحمتون ۽ برڪتون نازل ٿينديون آهن۔

*    جشنِ مِيلاد مُصطفي ملهائڻ جي برڪت سان سڄو سال امن ۽ امان رهندو آهي۔

*    جشنِ مِيلاد مُصطفي ملهائڻ جي برڪت سان رِزق ۾ برڪت ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شريعت جي دائري ۾ رهندي، عاشقانِ رسول سان ملي خوب ڌوم ڌام سان جشنِ وِلادت ملهائينداسين۔