Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خصوصاً انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي جـشن ولادت جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع النور شريف جي دوران ١٢٠٠ روپيا، جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته ١١٢ روپيا ۽ اهي به نه ٿي سگهي ته ١٢ رپيا (بالغان) ڪنهن سني عالم کي پيش ڪريو، جيڪڏهن پنهنجي مسجد جي امام، مؤذن يا خادمن ۾ورهائي ڇڏيو تڏهن به ٺيڪ آهي، بلڪ هيءَ خدمت هر مهيني جاري رکڻ جي نيت ڪيو ته مدينه مدينه. جُمُعي جي ڏينهن ڏيو ته بهتر جو جُمعي تي هر نيڪي جو ثواب سَتَر ڀيرا وڌيڪ ملندو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سنتن ڀريي بيان جي ڪيسٽ ٻـڌي ڪري ڪيترن ئي ماڻـهن جي اصلاح ٿي وڃڻ جا واقعا آهن. توهان مان به ڪي خوشنصيب اهڙا هوندا جيڪي بيان جي ڪيسٽ ٻڌي مدني ماحول سان وابسته ٿيا هوندا، تنهنڪري اهڙيون ڪيسٽون ۽ VCDs ماڻهن تائين پهچائڻ دين جي عظيم خدمت ۽ گهڻي ثواب جو سبب آهي ته جنهن کان ٿي سگهي هـفتي ۾نه ته مهيني ۾ گهٽ ۾گهٽ١٢ آڊيو يا ويڊيو ڪيسٽون بيان جون ضرور فروخـت ڪري، سرندي وارا اسلامي ڀائر جيڪڏهن مفت ورهائن ته مدينه مدينه ـ جشن ولادت جي خوشيءَ ۾ بيان جون ڪيسٽون ۽ VCDs خوب ورهايو ۽ دين جي تبليغ ۾ حصو وٺوـ شادين جي موقعي تي ڪارڊ سان گڏ رسالو ۽ ٿي سگهي ته بيان جي ڪيسٽ يا VCDs به وجهي ڇڏيوـ عيد ڪارڊن جي رواج کي ختم ڪري ان جي جڳهه تي به اهو ئي رائج ڪيو ته جيئن جيڪا رقم خرچ ٿئي ان سان دين جو به فائدو ٿئيـ مون کي ماڻهو قيمتي ڪارڊ موڪليندا آهن ان سان دل خوش ٿيڻ بدران ڏکندي آهيـ ڪاش! عيد ڪارڊ تي خرچ ٿيڻ واري رقم دين جي ڪمن ۾ خرچ ڪئي وڃي ها! ان تي لڳل افـشان (يعني چمڪدار پائوڊر) سان ڏاڍي پريشاني ٿيندي آهي.