Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ڪمن لاءِ بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن جي ترڪيب بڻايو) سڄي علائقي کي سبز سبز جهنڊن ۽ رنگا رنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽهڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوق عامه ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا جهنڊا لڳايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، ۽ گهٽيءَ وغيره ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿيڻ ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي.

مَشرق ومَغرب میں اک اک بامِ کعبہ پر بھی ایک

نَصب پرچم ہوگیا، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا

 

 هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن رپين جا مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهائي ۽ اسلامي ڀينرون به تقسيم ڪرائنـ اهڙي طرح سڄو سال اجتماعن ۾ تقسيم رسائل جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايوـ شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به “تقسيم رسائل” ڪيو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريو ـ

 بانٹ کر  مَدَنی  رسائل  دین کو پھیلائیے

کرکے راضی حق کو حقدارِ جِناں بن جائیے

 

 سگِ مدينه جو لکيل پمفليٽ ”جشنِ ولادت جا١٢مدني گل“ ممڪن هجي ته ١١٢ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ١٢ عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو ”صبحِ بهاران“ ١٢ عدد