Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

هڪ عدد سبز سبز جهنڊو ربيع النور شريف جي چنڊ رات کان وٺي سڄو مهينو لڳايو، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، گهوڙي گاڏين وغيره تي ضرورتاً پنهنجي کيسي مان رقم ڀري جهنڊا خريد ڪري لڳايو، پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، ان شاءَالله عَزَّوَجَلَّ هر طرف سبز سبز جهنڊن جون بهارون مرڪندي نظر اينديون، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بي ڍنگا شعر لکيل هوندا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽرڪن، بسن، ويگنن، رڪشن، ٽيڪسين، سوزوڪين، ۽ ڪارن وغيره جي پٺيان وڏن لفظن ۾ هي لکيل هجي، مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي ـ بس جي مالڪن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان ملي ڪري مدني ترڪيبون ڪيو ۽ سگِ مدينه عفي عنه جي دل جون دعائون وٺو.

ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي نعلين پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي اچي پئي ۽ جيئن ئي ربيع النور شريف جو مهينو موڪلائي وڃي ته فوراً لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن احتياط نه ٿو ٿي سگهي ۽ بي ادبي ٿيڻ جو انديشو هجي ته بنا نقش ۽ بنا لکت جا سادا ساوا جهنڊا لڳايو. (سگِ مدينهعفي عنه به حتي الامڪان پنهنجي مڪانِ بي نشان بنام “بيت الفنا” تي سادا (يعني بغير ڪنهن نقش ۽ لکت جي) جهنڊا لڳائيندو آهي)

 نبی   کا   جھنڈا   لیکر نکلو   دُنیا   پر  چھا   جاؤ

نبی کا جھنڈا اَمْن کا جَھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

 

 پنهنجي گهر تي ۱۲ جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ ۱۲ بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به ۱۲ ڏينهن تائين خوب لائيٽنگ ڪيو (پر انهن